اليڪشن 2013عمرڪوٽ

چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، عمرڪوٽ

چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ
چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ
عام چونڊون صاف ۽ شفاف بنائڻ لاءِ سرڪاري عملدار پنهنجيون ذميواريون ايمانداري سان ادا ڪن جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، اليڪشن دوران امن امان جي صورتحال تي ضابطي لاءِ هر ممڪن اُپاءُ ورتا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نديم الرحمان ميمڻ سورهيہ بادشاهه ڪامپليڪس ۾ هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ اي ڊي سي ون تميزالدين کيڙو، اسسٽنٽ اليڪشن ڪمشنر احمد علي هاليپوٽو، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر عمر رند، ڊسٽرڪٽ آڪائونٽس آفيسر محمد اقبال پٺاڻ، اي ٽي او مير علي محمد ٽالپر، ڊي او تعليم غلام مصطفى سومرو، ڊاڪٽر عبدالغني بجير، متارو منڱريو، ڊي او پاپوليشن ويلفيئر علي محمد پنهور، عبدالقيوم ڪنڀار ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ چيو ته چونڊن دوران ۾ وال چاڪنگ ۽ وڏا پوسٽرلڳائڻ تي مڪمل پابندي آهي، هن لاڳاپيل ميونسپل اختيارين کي حڪم ڏنو ته جيڪر ضلعي ۾ ڪٿي به وال چيڪنگ ۽ وڏا پوسٽر لڳل آهن ته اهي فوري طور تي هٽايو وڃن، جنهن لاءِ جيڪر ڪو مسئلو آهي ته کين پوليس جي مدد پڻ فراهم ڪئي ويندي. نديم الرحمان ميمڻ چيو ته ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال تي ضابطي لاءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هائي الرٽ تي رکيو ويو آهي، حساس پولنگ اسٽيشنن جي نگراني ڪئي ويندي ۽ حساس پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ عملي سان گڏ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا عملدار پڻ ڪنهن به امڪاني ڳڙ ٻڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ موجود هوندا. ان موقعي تي ايس پي عمرڪوٽ قمر الزمان جسڪاڻي ٻڌايو ته ضلعي ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي مڪمل طور تي عملدرآمد ڪرايو ويندو جنهن لاءِ هر ممڪن اُپاءُ ورتا پيا وڃن. هن چيو ته عمرڪوٽ ضلعو هڪ پُرامن ضلعو آهي ڪنهن کي به امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، هن چيو ته پوليس هر وقت هائي الرٽ هوندي آهي، امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس چوڪس آهي، سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪابه ڏکيائي هجڻ جي صورت ۾ کيس کي پڻ آگاهه ڪيو وڃي، اليڪشن ڏهاڙي ضلعي جي چئني تعلقن ۾ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button