صالح پٽ

پي ايس 4 تان وڏي اڪثريت ۾ آءَ ئي سوڀارو ٿيندس، يار محمد خان ڀنڀرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، صالح پٽ

پي ايس 4 تان وڏي اڪثريت ۾ آءَ ئي سوڀارو ٿيندس،  يار محمد خان ڀنڀرو
پي ايس 4 تان وڏي اڪثريت ۾ آءَ ئي سوڀارو ٿيندس، يار محمد خان ڀنڀرو
صالح پٽ پي ايس 4 جي آزاد اميدوار يار محمد خان ڀنڀرو جو والد اڳوڻو تعلقه ناظم سمون خان ڀنڀرو ايران کان صالح پٽ پهتو سکر ايئرپورٽ کان سون جي تعداد ۾ موٽر سائيڪل ۽ سوين موٽر ڪارين جي ڪافلي سان ڳوٺ سمون ڀنڀرو پهتو ، ريگستاني علائقي ڳوٺ سمون ڀنڀرو ۾ پهچڻ تي هزارين ماڻهن سندس استقبال ڪيو تقريب ۾ چيف سردار دريا خان ڀنڀرو ، سردار لائق خان ڀنڀرو ، قلندر بخش خان ڀنڀرو ، هندو پئنچائت اڳواڻ سيٺ لڊو مل ، اڳوڻو تعلقه ناظم سمون خان ڀنڀرو ، پي ايس 4 جي آزاد اميدوار يار محمد خان ڀنڀرو ۽ ٻين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پي ايس 4 تان وڏي اڪثريت ۾ يار محمد خان ڀنڀرو ئي سوڀارو ٿيندو ، صالح پٽ جي هن اليڪشن جو وڏي ۾ وڏو جلسو ڀنڀري پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڏيکاري ڇڏيو ، ڀنڀرا برادري سميت سومرا ، شنباڻي ، ميراڻي ۽ شيخ برادري جي چڱن مڙسن راڄوڻي اتحاد تحت کيس ڪامياب ڪرڻ جو وچن ڪيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button