مختصر خبرون

پنوعاقل: ڳوٺ سومر خان ڪورائي جي رهواسين جو ايڪسيئين ۽ ايس ڊي اوخلاف احتجاج

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، پنوعاقل
ڳوٺ سومر خان ڪورائي جي رهواسين جو ايڪسيئين ۽ ايس ڊي اوخلاف احتجاج – سيپڪو ملازمن جي رشوت خوري خلاف چيف جسٽس آف پاڪستان.پي ڊي لاڙڪاڻو۽ ايڪسيئين سيپڪو سکر کي لکت ۾ درخواست انصاف جي گهر،خبرموجب: پنوعاقل جي ڳوٺ سومر ڪورائي جي رهواسين مير محمد ڪورائي، عاشق علي ڪورائي،ظهيرڪورائي۽ حاجي شبيراحمد ڪورائي الزام مڙهيندي چيو ته ايس ڊي او ڪاشف شيخ۽ايڪسيئين زاهد مغل نادر ڪورائي کان لکين روپيا رشوت وٺي سومرڪورائي ڳوٺ جي واپڊا پاران ڪيل سروي کي ختم ڪري رشوت عيوض نام نهاد بنگل خان ڪورائي جي سروي جا ڊاڪيومينٽ ٺهرائي 25 ڪي وي جو ٽرانسفرم هڻي ڏنو آهي،جنهن ڳوٺ جو وجود ڍي نه آهي،۽ ها ڻي نادر ڪورائي ٽرانسفر مان في ڪنيڪشن جا هڪ هزار روپيا وصول ڪري رهيو آهي،اسان متاثر ڳوٺاڻن جي چيف جسٽس آف پاڪستان،پي ڊي لاڙڪاڻو،ايڪسيئين سکر کان گهر آهي ته راشي آفيسرن جي خلاف ڪاروائي ڪري ٽرانسفرمر سومرخان ڪورائي ۾ لڳرائي ڏنو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button