مختصر خبرون

هنڱورجا : ڪراچي کان سکر ويندڙ ڪي سي ايس مسافر ڪوچ مان لکين روپين جي ڦر

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
رسول آباد ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪراچي کان سکر ويندڙ ڪي سي ايس مسافر ڪوچ مان لکين روپين جي ڦر لٽ مسافرن جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو، ڊي ايس پي ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو
تفصيل موجب ڪراچي کان سکر ويندڙ ڪي سي ايس مسافر ڪوچ ۾ مسافرن جي روپ ۾ ڪراچي کان سوار پنج هٿياربندن گاڏي جي ڪنڊيارو پهچڻ تي لڪل هٿيار ڪڍي مسافرن ۽ ڊرائيور کي يرغمال بڻائي لکين روپين جي ڦر لٽ ڪئي ۽ هٿياربند رسول آباد لڳ پوليس ڪانوائي کان چند قدم پوئتي گاڏي بيهاري فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڦريل مسافرن اعجاز سمون، آصف ، حميد ، محمد يوسف سهتو، غلام قاسم جي اڳواڻي ۾ رسول آباد وٽ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو. اطلاع تي ڊي ايس پي گمبٽ يار محمد رند ڌرڻي واري هنڌ پهچي مسافرن کي ڦريل سامان واپس ڪرائي ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو يقين ڏياري احتجاج ختم ڪرايو. ڦر واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button