لاھور

مسلم ليگ ن جو اميدوار ق ليگ ۾ شامل

فائل ڦوٽو
فائل ڦوٽو
لاھور: صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي پي 110 تان ن ليگ پاران ٽڪيٽ وٺندڙ اميدوار سيد وقار حسين گيلاني اڱاري ڏينھن مسلم ليگ ق ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. مسلم ق پارا ان سيٽ لاءِ پھريان ئي مونس الاھي کي بيھاريو ويو آھي.
گيلاني ان ڳالھ جو اعلان ق ليگ جي سربراھن چوڌري پرويز الاھي، مونس الاھي ۽ راسخ الاھي سان گڏ انھن جي رھائش تي ڪيو. ان موقعي تي چوڌري پرويز الاھي چيو ته انھن جي پارٽي 2002 کان 2007 تائين ڪيل ڪمن جي بنياد تي اليڪشن ۾ حصو وٺندي. انھن چيو ته عوام ووٽ ڏيڻ کان پھريان ھڪ دفعو ضرور انھن جي دور کي شھباز شريف جي دور سان ڀيٽي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button