سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

ماحوليات جي تحفظ واري اداري حيدرآباد جي ريجنل آفيس پاران 22 اپريل 2013 تي زمين جو عالمي ڏهاڙو ملھايو ويندو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، حيدرآباد
Earth Day ماحوليات جي تحفظ واري اداري حيدرآباد جي ريجنل آفيس پاران 22 اپريل 2013 تي زمين جو عالمي ڏهاڙو شاندار نموني سان ملهائڻ لاءِ ماڊل اسڪول حيدآباد ، اِي پي اَي (EPA) جي آفيس ۽ شهر جي تعليمي ۽ صنعتي ادارن ۾ مختلف آگاهي جا پروگرام ترتيب ڏنا ويا آهن . تفصيل موجب ڄاڻايل ڏينهن تي صبح جو 9 وڳي سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس ( ماڊل اسڪول ) ۾ عوامي آگاهي جي پروگرام جو افتتاح ڪيو ويندو جنهن ۾ نگران صوبائي وزير ماحوليات ۽ متبادل توانائي محمد شريف انصاري خاص مهمان طور شرڪت ڪندو جڏهن ته ان موقعي تي عوام ۾ آگاهي لاءِ گئس پريشر وارا تمام وڏا ڦوڪڻا هوا ۾ ڇڏيا ويندا . بعد ۾ شرڪت ڪندڙن پاران ماڊل اسڪول کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين هڪ آگاهي واڪ جو اهتمام ڪيو ويندو جنهن جي پريس ڪلب وٽ پهچڻ بعد وڌيڪ ٻيا گئس پريشر وارا ڦوڪڻا هوا ۾ ڇڏيا ويندا _ اِي پي اَي حيدرآباد جو ٻيو اهم پروگرام ساڳئي ڏينهن صبح جو 11 وڳي سندس آفيس واقع شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ ٿيندو جتي وڻڪاري کانپوءِ نگران صوبائي وزير ماحوليات ۽ متبادل توانائي محمد شريف انصاري هڪ پريس ڪانفرنس کي پڻ خطاب ڪندو جنهن کانپوءِ ماحوليات جا ماهر ۽ اِي پي اَي جا عملدار شهر جي مختلف تعليمي ۽ صنعتي ادارن جو دورو ڪري ماڻهن ۾ گدلاڻ کان تحفظ لاءِ جاڳرتا پيدا ڪندا .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button