سکر

غنويٰ ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي رواني

بيورورپورٽ،سکر

غنويٰ ڀٽو
غنويٰ ڀٽو
پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) جي چيئرپرسن محترمه غنويٰ ڀٽو قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ اربع جي ڏينهن سکر ايئرپورٽ تي پهتي، جتي پ پ (شهيد ڀٽو) جي ضلعي صدر نيڪ محمد ڪورائي، محمد عيدن جتوئي، دلمراد جتوئي، ڊاڪٽر شاهد سرڪي سميت سوين ڪارڪنن ان جو شاندار استقبال ڪيو، ۽ پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) جي چيئرپرسن محترمه غنويٰ ڀٽو قافلي جي صورت ۾ لاڙڪاڻي لاءِ رواني ٿي وئي، ان کان اڳ پ پ يوٿ، سپاف (شهيد ڀٽو) سکر ضلعي جو اجلاس جتوئي هائوس بچل شاهه مياڻي سکر ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ غور ويچار ڪيو ويو ۽ صبح پنو عاقل، روهڙي، صالح پٽ، نيوتعلقه سکر ۽ پراڻي سکر مان سوين گاڏين جو قافلو سکر سٽي پوائنٽ(بائي پاس) تي صبح 9 وڳي ڳڙهي خدابخش جي لاءِ روانه ٿيندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button