صالح پٽ

صالح: ھٿياربند مورتين مان سونا زيوري لاھي فرار، شھر ۾ ھڙتال

انڊس نيوز، صالح پٽ

فائل ڦوٽو
فائل ڦوٽو
صالح پٽ جي تاريخ ۾ ڦر جي وڏي واردات چئن هٿياربندن گذريل رات ٻه بجي هندو محله جو مين گيٽ جا تالا ٽوڙي ٻن مندرن ڀيرم بادشاهه ۽ شو مندر جا تالا ٽوڙي مندر اندر رکيل مورتن مان سونا زيور لاهي بيحرمتي ڪرڻ بعد مورتن اڳيان رکيل چندي وارن پيٽن مان تالا ٽوڙي رقم ڪڍڻ بعد مندر جي پوڄاري ڪيلاش ڪمار، انيل ڪمار ،شيوڪ رام ۽ جيڪب آباد واسي مهمان هوندو مل کان روڪ رڪم موبائيل ڦونون ڦر ڪرڻ بعد آسرد اس جي گهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ دري جي ڄاري ٽوڙي ته گهر ڌڻي سجاڳ ٿيڻ تي کين ڏنڊا هڻي ماٺ رهڻ جو حڪم ڏنو مندر گلي ۾ بيٺل سيٺ سنجي ڪار ، سيٺ ڪنيا لال جون ٻه موٽر سائيڪلون ڪاهي ڦرار ٿي ويا هئا مندر جي يرغمالين ۽ شهرين جي رڙين تي چوڪيدار ڦائرنگ ڪري ڏني ڦورو ڦائرنگ ڪندا ڦرار ٿي ويا صالح پٽ ٿاڻو ڦٽن جي فاصلي هجڻ باوجود ڪوبه اهلڪار سندن مدد لاءِ نه پهتو ڪيلاش ڪمار ۽ ٻين بروقت ٿاڻي تي پهچڻ باوجود ٿاڻي جي وڏي منشي کين اهو چئي موٽايو ته پوليس وي آءِ پي موومينٽ ۾ ويل آهي جڏهن ته هٿيار بند سڄي شهر ۾ ٽن ڪلاڪن تائين آرام سان ڪارروائي ڪرڻ سميت مندر اندر ڪچهري ۽ سگريٽ پيئندا رهيا جڏهن ته سندن منهن ڍڪيل هئا . ايس ايس پي سکر سيد پير محمد شاهه صالح پٽ شهر بند هجڻ ۽ هندو برادري جي احتجاج ختم ڪرائڻ لاءِ پئنچائت حال ۾ مکي اڌم داس ، سيٺ لڏو مل سان ڳالهيون ڪري کين يقين ڏياريو ته سندن ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون پوليس پڪٽ آر ڊي 71 تان ملي ويون آهن جڏهن ته کوجي ڪتن ذريعي کنيل پير شيروجا ۾ سيد ببلو شاهه جي اوطاق ۾ هنيا آهن احتجاج ختم ڪريو ۽ شهر جي ننڊ ۾ سمهيل چوڪيدار شينهن شيخ کي گرفتار ڪرڻ باوجود شهر نه کوليو ويو اهڙي اطلاع تي فنڪشنل ليگ سکر ضلعي جي صدر ۽ پي ايس 4 جي اميدوار سيد سردار زاهد حسين شاهه ۽ پي پي جي پي ايس چار اميدوار سيد اويس قادر شاهه جي آسري باوجود شهر نه کليو جنهن بعد اڳوڻو وفاقي وزير ۽ اين اي 199 پي پي اميدوار سيد خورشيد احمد شاهه پهچي ڳالهيون ڪيون ۽ صحافن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به مذهب کي اجازت ناهي ته هو ڪنهن جي بي حرمتي ڪن سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ اقليتي برادري سان هر ڏک سک ۾ گڏ آهيون سڄو شهر سوڳ ۾ بند رهيو جڏهن ته سنگرار ، ڪنڌرا ، روهڙي سميت سکر ضلعي ۾ رهندڙ هندو برادري پنهنجو ڪاروبار بند ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو واضع رهي ته قديمي مندر جا گادي سر نريش بن ، بيلو بن انڊيا جي صوبي مڌيا پرديش جي ضلعي جبل پور جا رهاڪو آهن جن اهڙي واقعي جي مذمت ڪندي پاڪستان سرڪار کان ڪارروائي جو مطالبو ڪندي هندو پئنچائت ۽ مريدن کي حڪم ڏنو ته قانون موجب جوابدارن جي خلاف رپورٽ داخل ڪرائي وڃي جنهن بعد ڪيلاش ڪمار جي فرياد تي چار نامعلوم جوابدارن خلاف ڦر لٽ ۽ مورتن جي بي حرمتي ڪرڻ جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ايس ايڇ او صالح پٽ سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته ڦر ٿيل موٽر سائيڪل هڪ چوڪيدار شينهن شيخ ٽن سيدن فرحان شاهه ، ببلو شاهه سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button