اليڪشن 2013صالح پٽ

صالح پٽ :ووٽ ڏيڻ نه پاران پي ايس 4 جي اميدوار يار محمد ڀنڀروتي ڳوٺاڻن جو گھر ڊاھڻ جو الزام

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، صالح پٽ

ڳوٺاڻا احتجاج ڪندي
ڳوٺاڻا احتجاج ڪندي
صالح پٽ پي ايس 4 جي اميدوار يار محمد ڀنڀرو پاران ڳوٺ غلام رسول ڪلادي جي ڳوٺاڻن ووٽ کان کٿو جواب ڏيڻ تي ڳوٺاڻن جا ٻه گهر ڊاهي پٽ ، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڳوٺ خالي ڪرڻ جو حڪم ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو آزاد اميدوار يار محمد ڀنڀرو تي گهر ساڙڻ عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ جا الزام . صالح پٽ جي اڳوڻي تعلقه ناظم جي پٽ يار محمد خان ڀنڀرو پي ايس 4 جي آزاد اميدوار تي ڳوٺاڻن گهر ساڙڻ ڦر لٽ ڪرڻ ، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ جا الزام هڻندي محمد اسماعيل ، گلبهار ، امام ڏنو ، غلام رسول ، ڪلادي پاران صحافن آڏو دانهيندي ٻڌايو ته تر جو وڏيرو يار محمد ڀنڀرو کانئن ووٽ لاءِ حمايت ڪرڻ لاءِ چيو اسان جي ڳوٺ جي وڏيري امير بخش ڪلادي سندس حمايت ڪئي اسان سندس مخالفت ڪئي جنهن تي وڏيري ڏمرجي ڳوٺ ٻاهران لڳل لوڙهو ٽريڪٽرن وسيلي پٽي ڳوٺ اندر وڻ ڪٽي ٻن گهرن کي باهيون ڏيڻ بعد سندن بادي گارڊن عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو ۽ ٽريڪٽرن وسيلي ڳوٺ کي بلڊوز ڪرڻ جو ڪم جاري ڪيو ويو آهي ، سندس ڏمر کان بچايو وڃي . ٻئي طرف يار محمد ڀنڀرو سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته ٽريڪٽر سندس زمين ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ڳوٺاڻا سندس سروي نمبرن ۾ گهر اڏي قبضو ڪرڻ گهرن ٿا ڪلادي برادري جا اڪثر ووٽر کيس ئي ووٽ ڏيندا الزامن ۾ ڪابه صداقت ناهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button