حيدر آباد

ڊويزنل ڪمشنرپاران لعل شهباز قلندر رحه جي درگاهه جي ڪم سست رفتاري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، حيدرآباد

سنڌيونيورسٽي ۾ مختلف ٽاپڪس وارن پوسٽرن ۽ شعبي سان واڳيل اوزارن  جي ماڊلز جي نمائش منعقد ٿي
سنڌيونيورسٽي ۾ مختلف ٽاپڪس وارن پوسٽرن ۽ شعبي سان واڳيل اوزارن جي ماڊلز جي نمائش منعقد ٿي
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد ڊاڪٽر رياض احمد ميمڻ حضرت لعل شهباز قلندر رحه جي درگاهه سميت سيوهڻ شهر جي مختلف ترقياتي منصوبن ۾ سست رفتاري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عالمي مڃتا رکندڙ شهر سيوهڻ کي جديد سهولتن سان آرائسته بڻائي پرڏيهي توڙي ڏيهي پانڌيئڙن لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻائي سگهجي . هن اهڙو اظهار اڄ سيوهڻ ۾ درگاهه حضرت لعل شهباز قلندر رحه تي گلن جي چادر چاڙهڻ ۽ فاتع خواني ڪرڻ کانپوءِ ٽائون ڪاميٽي هال سيوهڻ ۾ مختلف کاتن جي عملدارن سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو . ڊويزنل ڪمشنر ڊاڪٽر رياض احمد ميمڻ وڌيڪ چيو ته سيوهڻ هڪ عالمي مڃتا رکندڙ شهر آهي جنهن جي خوبصورتي ۽ سارسنڀال سمورن کاتن توڙِي انتظاميه جو اولين فرض آهي تنهنڪري اهو ضروري آهي ته هتان جي ترقياتي ڪم کي معياري بڻايو وڃي . هن چيو ته درگاهه سميت سمورن ترقياتي منصوبن ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيريل جي اڳواٽ چڪاس کي يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته هو پاڻمرادو اوچتا دورا ڪري ترقياتي ڪمن جي نگراني پڻ ڪندو رهندو . ان موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر کي ٻڌايو ويو ته حضرت لعل شهباز قلندر رحه جي درگاهه سميت سمورن ترقياتي منصوبن جو 96 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ تمام جلد رهيل ڪم پڻ مڪمل ڪيو ويندو . ڊويزنل ڪمشنر کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سيوهڻ شهر ۾ ڊرينيج ، سيوريج ، واٽر سپلاءِ سميت درگاهه جي چٽ سالي ، خوبصورتي ، ڌمال ڪوٽ جي مرمت ، مختلف هنڌن تي مسافر خانه ۽ مسجدن جي تعمير ۽ مرمت جو ڪم جاري آهي جيڪو تمام جلد مڪمل ڪيو ويندو . وڌيڪ اهو ته ورڪس اينڊ سروسز کاتي طرفان سيوهڻ شهر ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ منصوبا جاري آهن جن ۾ مختلف روڊن ، رستن جي تعمير ۽ مرمت ، اسڪولن ، ڪاليجن ،اسپتالن سميت ٻيون عمارتون شامل آهن جن جو 96 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي .گڏجاڻي ۾ ڊويزنل ڪمشنر ڊاڪٽر رياض احمد ميمڻ کي ميونسپل انتظاميه سيوهڻ طرفان شهر جي صفائي سٿرائي جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي جنهن تي ڊويزنل ڪمشنر انتظاميه کي سخت هدايت ڪئي ته شهر جي صفائي سٿرائي کي اولين ترجيح ڏني وڃي جڏهن ته درگاهه جي آسپاس ۽ شهر جي مک روڊن رستن جي صفائي پڻ يقيني بڻائي وڃي . وڌيڪ اهو ته سڄي صورتحال جي روزاني جي بنياد تي نگراني پڻ ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ذميوار آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي .گڏجاڻي ۾ سيوهڻ تعلقه اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊويزنل ڪمشنر کي ٻڌايو ته تعلقه اسپتال جي بجيٽ گهٽ هجڻ ۽ ڊاڪٽرن توڙي پيرا ميڊيڪل عملي جي کوٽ سبب انتظاميه مختلف مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي جنهن تي ڊويزنل ڪمشنر کيس خاطري ڪرائي ته هو ان سلسلي ۾ اعليٰ اختيارين سان لهه وچڙ ۾ اچي تعلقه اسپتال جا سمورا مسئلا حل ڪرائيندو . ڊاڪٽر رياض احمد ميمڻ وڌيڪ چيو ته سندس اها اولين ڪوشش رهندي ته تعلقه اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي کوٽ کي جلد کان جلد پورو ڪيو وڃي ته جيئن شهرين کي صحت جون جديد سهولتون مهيا ڪيون وڃن . ان موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر خوراڪ کاتي حيدرآباد جي ڊپٽِي ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي ته سيوهڻ سميت سڄي ڊويزن ۾ ڪڻڪ جي خريداري جي مرڪزن جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪٿي بارداڻي جي حوالي سان ڪا شڪايت سامهون اچي ته ان کي فوري طور حل ڪيو وڃي جنهن تي ڊپٽي ڊائريڪٽر خوراڪ ڊويزنل ڪمشنر کي ٻڌايو ته سندس ڊويزن اندر سمورن شهرن ۾ ڪڻڪ جي خريداري وارا مرڪز پهرئين اپريل 2013 کان ڪم ڪري رهيا آهن ۽ آبادگارن کي سندن ضرورت مطابق بارداڻو پڻ فراهم ڪيو وڃي . هن وڌيڪ ٻڌايو ته خوراڪ کاتي جي عملدارن تي ٻڌل ڪاميٽيون روزاني جي بنياد تي خريداري مرڪزن جي نگراني پڻ ڪري رهيون آهن ۽ ڪڻڪ جي خريداري وارو ڪم بهتر طريقي سان هلي رهيو آهي . گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ساجد جمال ابڙو ، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر ورڪس اينڊ سروسز علي اصغر ميمڻ ، ڊپٽي ڊائريڪٽر خوراڪ حيدرآباد گل محمد ، ايڪسين ايجوڪيشن ورڪس اعجاز ميمڻ ، ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ تعلقه اسپتال سيوهڻ معين الدين صديقي ، ميونسپل آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button