مختصر خبرون

سکر بچايو اتحاد تحريڪ جو پلاٽن تي غير قانوني قبضن خلاف مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
سکر ۾ پلاٽن تي غير قانوني قبضن خلاف سکر بچايو اتحاد تحريڪ جي ڪنوينر مولانا شهزادو ڊريهو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تيرچوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن غلامصطفى گهمرو، ظهور الدين انصاري ۽ ٻين ٻڌايو ته شهر جي مختلف علائقن ۾ سرڪاري زمين ڀڳڙن مٺ پئسن ۾ وڪرو ڪئي وئي آهي جنهن ڪري حڪومت کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته بلڊر مافيا پنهنجي هٿياربندن سان گنڊا گردي ڪري نه رڳو شهر ۾ قبضا پئي ڪري بلڪه روينيو کاتي ۽ سنڌ بلڊنگ اٿارٽي جي ڪرپٽ آفيسرن سان ملي قبصن کي هٿي ڏيڻ سميت غير قانوني طور بلند عمارتون تعمير ڪرائي رهيا آهن ان ڪري اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button