اليڪشن 2013ھنڱورجا

چونڊون: شاھ محمود قريشي فارم ڀرائڻ لاءِ اڄ عمر ڪوٽ پھچي رھيو آھي.

Shahmahmood Qureshiهنڱورجا :تحريڪ انصاف پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ ۽ درگاهه غوث بهاءالدين ذڪريا ملتان جو گادي نشين اڄ عمر ڪوٺ جي تڪ اين اي 228 عمر ڪوٽ ۽ اين اي 230 ٿرپارڪر تي نامينيشن فارم جمع ڪرائڻ لاءِ سنڌ اچي رهيو آهي جنهن کي حيدرآباد ٽول پلازا وٽان هزارين گاڏين جي جلوس ۾ عمر ڪوٽ آندو ويندو. غوثيه جماعت سنڌ جي ترجمان انيس احمد نوحاڻي هنڱورجا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن مان غوثيه جماعت جي ڪارڪنن جا سمورا ڪافلا حيدآباد ٽول پلازا وٽ گڏ ٿيندا جتي جلوس جي صورت ۾ مخدوم شاهه محمود قريشي کي عمر ڪوٽ ۽ ٿرپارڪر آندو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button