سکر

پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل پاران لاھور ۾ مسيحي برادري تي حملي جي نندا

بيورورپورٽ ،سکر

پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل  پاران لاھور ۾ مسيحي برادري تي حملي جي نندا
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل پاران لاھور ۾ مسيحي برادري تي حملي جي نندا
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سکر ضلعي جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن جي صدارت فنڪشنل مسلم ليگ سکر ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري نديم قادر ڀٽو ڪئي، اجلاس ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراه پير پاڳاري، صوبائي صدر پير صدرالدين شاه راشدي، امتياز شيخ، سيد اجمل حسين شاهه موسوي جي اڳواڻي تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ويو، اجلاس ۾ بادامي باغ لاهور ۾ مسيحي برادري سان ٿيڻ واري زيادتين جي ڀرپور مذمت ڪئي وئي، ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته ان سانحي جي ذميدارن کي فوري گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي، ۽ ملڪ ۾ رهڻ وارن مخلتف مذهبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جي خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي وئي، هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي، ۽ مخالفين کي عبرت ناڪ شڪست ڏيندي.اجلاس ۾ ظفر علي منگي،عبدالڪريم ڀٽو،الطاف حسين مهر،ممتاز علي ڀٽو،محمد يوسف مهر،صابر علي ڀٽو پڻ خصوصي طور شرڪت ڪئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button