ھنڱورجا

هنڱورجا:روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ ناري جو لاش هٿ اچي نه سگهيو، وارثن پاران مظاھرو

روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ ناري جو لاش هٿ اچي نه سگهيو، وارثن پاران مظاھرو
روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ ناري جو لاش هٿ اچي نه سگهيو، وارثن پاران مظاھرو
هنڱورجا: هنڱورجا لڳ روهڙي ڪئنال ۾ چار ڏينهن اڳ ٽپو ڏئي آپگهات ڪندڙ عظيمان ڪٻر جو لاش هٿ اچي نه سگهيو ڪٻر برادري ۽ وارثن پاران لاش جي ڳولا ۾ مدد نه ڪرڻ تي ضلعي انتظاميه خلاف سوين ماڻهن جو سيٺارجا کان احتجاجي مارچ ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو ، ٽائرن کي باهيون 2 ڪلاڪ روڊ بند، نفيسا شاهه ، ڊي سي خيرپور رابطو ڪري روڊ کولرايو ۽ ڊي سي ٽوٻن سميت سيٺارجا پهتو ٽوٻن زريعي لاش جي ڳولا شروع
تفصيل موجب هنڱورجا لڳ روهڙي ڪئنال ۾ ٽي ڏينهن اڳ سيٺارجا جي ڳوٺ محمد صادق ڪٻر جي رهواسي عظيمان ڪٻر پاران ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو جنهن جو لاش اڃان تائين وارثن پاران ڳولا بعد هٿ اچي نه سگهيو جڏهن ته وارثن پاران ضلعي انتظاميه کان ٽوٻن وسيلي لاش جي ڳولا ڪرڻ لاءِ بار بار رابطو ڪيو ويو مثبت موٽ نه ملڻ ، لاش جي ڳولا ۾ مدد نه ڪرڻ تي ڊي سي خيرپور جي خلاف ڪٻر برادري جي سوين ڳوٺاڻن ۽ وارثن سيٺارجا شهر کان هنڱورجا تائين 6 ڪلوميٽر احتجاجي جلوس ڪڍي قومي شاهراهه تي پهچي ڪاٽن فيڪٽري سامهون تاج محمد ڪٻر. ذاڪر ڪٻر، سڪندر ڪٻر، بشير احمد ڪٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو مڇريل مظاهرين ٽائر ساڙي ڊي سي خيرپور خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ڌرڻي سبب 2 ڪلاڪ تائين قومي شاهراهه جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيو قطارون لڳي ويون ان موقعي تي مظاهرين الزام لڳايو ته عظيمان ڪٻر جي لاش جي ڳولا ۾ ضلعي انتظاميه ڪابه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي بار بار رابطي ڪرڻ تي ڊي سي آفيس مان رڳو ڪوڙا دلاسا ڏنا وڃن ٿا ٽن ڏينهن کان عورت جا وارث سخت پريشان ۽ روهڙي ڪئنال تي ڪئمپ هڻي ويٺل آهن جڏهن ته ڪئنال جو نه ئي پاڻي گهٽ ڪيو وڃي ٿو نه ئي وري ضلعي انتظاميه ٽوٻا ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ڌرڻي واري هنڌ موجود مظاهرين سان اڳوڻي ايم اين اي سيده نفيسا شاهه ، ڊي سي خيرپور محمد طاهر سانگي ۽ ايس ايس پي خيرپور سيد اصغر شاهه رابطو ڪري کين کي لاش جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي جنهن بعد مظاهرين احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. بعد ۾ ڊي سي خيرپور محمد طاهر سانگي لاش جي ڳولا لاءِ ٽي ٽوٻن کي ساڻ ڪري سيٺارجا پهچي عورت جي وارثن سان ملاقات ڪري کين کي لاش جي ڳولا ۾ مڪمل يقين دهاني ڪرائي آهي هوڏانهن آيل ٽوٻن روهڙي ڪئنال ۾ لاش جي ڳولا وارو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. آخري اطلاع تائين عورت جو لاش هٿ اچي نه سگهيو آهي جڏهن ته وارثن جو چوڻ آهي ته لاش جي ڳولا ڪندڙ ٽوٻن جو تعداد ٽي آهي جيڪي گهٽ آهن . جيڪو تعداد وڌايو وڃي ۽ روهڙي ڪئنال جو پاڻي گهٽايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button