صالح پٽ

ن ليگ ضلعي سکر جو اڳواڻ پيپلز پارٽي ۾شامل

محمد اسلام ڀنڀرو،صالح پٽ
PPP gathering (640x294)صالح پٽ جي ريگستاني علائقي ڳوٺ پپو مهر ۾ پيپلز پارٽي جو وڏو جلسو ن-ليگ ضلعي سکر جو اڳواڻ حاجي غلام شبير عرف پپو مهر ۽ وڏيرو محمد حنيف ڦلپوٽو پنهنجي برادري سميت پيپلز پارٽي ۾ اعلان ڪندي چيو ته وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جي قيادت۾ سکر ضلعو ترقياتي ڪمن توڙي سٺي قيادت هجڻ سبب بنا ڪنهن شرطن جي پيپلز پارٽي ۾ اعلان ڪيون ٿا پي پي اڳواڻ سيد اويس قادر شاهه ۽ پي پي اڳواڻ سيد احسان علي شاهه پارٽي ۾ اچڻ تي کين ڀليڪار چوندي چيو ته پي پي هميشه غريبن جي پارٽي رهي آهي برادرين جا وڏا پي پي جي منشور موجب غريبن جي مدد ۾ يقين رکن ٿا جنهن سبب مسڪين ماڻهن هميشه پي پي جو ساٿ ڏنو آهي سندن پارٽي ڪڏهن به انتقامي ڪارروائين تي يقين ناهي رکيو ملڪ جي طرقي ۽ خدمت ۾ يقين رکون ٿا ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ جو صحيح استعمال پيپلز پارٽي کي سوڀارو ڪري سگهي ٿو هن هندو پئنچائت صالح پٽ جي اڳواڻن سيٺ جڳو مل ، سيٺ هري لال ، سيٺ گاگن مل ، سيٺ ڪنور مل ۽ ٻين جو ٿورو مڃيندي چيو ته اقليتي برادرن هميشه پارٽي کي ووٽ ڪيو آهي جڏهن ته هن ٽائون آفيسر سيد شرف علي شاهه ، محبوب علي ڀنڀرو ۽ ٻئي عملي کي هدايتون ڪيون ته هلندڙ طرقياتي ڪم جلد کان جلد پورا ڪري عوام کي سهولتون فرهام ڪن . پي پي اڳواڻ کي ڳوٺاڻن پوليس ، وڏيرن جي ڏاڍاين جبلي جي واڌو بلن جون شڪايتون ڪيون جن لاءِ هن موقئي تي ئي آرڊر جاري ڪيا .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button