اليڪشن 2013جوھي

من پسند نگران سيٽ ڌانڌلي ڪرائڻ لاءِ آندو ويو آھي، پ پ (ش ڀ)

عباس علي گاڏهي، جوهي

پ پ شهيد ڀٽو پاران مظاھرو
پ پ شهيد ڀٽو پاران مظاھرو
جوهي پ پ شهيد ڀٽو پاران نگران سيٽ اپ ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پاران پنهنجا ماڻهو آڻڻ خلاف پ پ شهيد ڀٽو پاران مخدوم بلاول پارڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هاشم کوسو، سراج ٻٻر، مجيد ٻٻر چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پ پ ملي ڀڳت ڪري اليڪشن ۾ ڌانڌليو ڪرائڻ لاءِ نگران سيٽ ۾ پنهنجا ماڻهون ايڊجسٽمينٽ ڪرائي رهيا آهن ته جيئن اليڪشن فيئر نه ٿي سگهي هنن چيو ته اليڪشن کي يقيني بنائڻ لاءِ نگران سيٽ اپ جو غير جانبدار هجڻ ضروري آهي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سدائين عوام کي ڌوڪو ڏنو آهي ۽ ملڪ سلامتي لاءِ ضروري آهي ته صاف ۽ شفاف نگران سيٽ اپ آندو ڇو ته پ پ ۽ ايم ڪيو جي نگران سيٽ اپ اليڪشن ۾ ڌانڌليون ڪرائين ان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو انهن خلاف سڄي سنڌ اندر تحريڪ هلائينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button