سکرفن ۽ فنڪار

مشهور راڳي غلام علي سنديلو لاڏاڻو ڪري ويو

بيورورپورٽ،سکر
Musicسنڌ جو مشهور راڳي غلام علي سنديلو ڦڦڙن ۾ ڪينسر هجڻ بعد لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ 52 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز ۾ سوين ماڻهن جي شرڪت، زندگي ۾ ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا، خبر موجب سنڌ جو ناليوارو فنڪار غلام علي سنديلو ڦڦڙن ۾ ڪينسر هجڻ ڪري اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن کي فوري طور تي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ آندو ويو، جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جو لاش ايمبولنس ذريعي روهڙي آندو ويو، غلام علي سنديلو جي نمازي جنازه ڪربلا ميدان ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، بعد ۾ مرحوم کي آباڻي قبرستان ڪوٽ جان الله شاهه ۾ سوين آلين اکين ۽ سڏڪن سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم غلام علي سنديلو سوگوران ۾ هڪ زال، 2 پٽ، ۽ 2 نياڻيون ڇڏيون آهن، واضع رهي ته غلام علي سنديلو فن جي سکيا استاد غلام علي کان حاصل ڪئي ۽ زندگي ۾ لطيف، سچل، ۽ بيدل سميت ڪيترائي ٻيا به ايوارڊ حاصل ڪيا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button