صالح پٽ

صالح پٽ جون درسگاهون ڀوت بنگلا بڻجي ، اوطاقن ۾ تبديل

At Sand School (640x380)صالح پٽ جون درسگاهون ڀوت بنگلا بڻجي ويون. هڪ پاسي تعليم کاتي جي لاپرواهي سبب ڪروڙين رپيا لاڳت سان تعمير ٿيل شاندار اسڪول جون عمارتون، علم جي روشني ڏيڻ بجاء ڀوت بنگلا ، چوپاهي مال جا واڙن ، اوطاقن ۾ تبديل ٿيل آهن ته ٻئي پاسي نيڪ ۽ ايماندار استاد واري۽ ڀٽن جي دڙ ن ۽ وڻن جي ڇانون هيٺ علم جي روشني پکيڙڻ ۾ رڌل آهن. صالح پٽ جي اهم سياسي اڳواڻ فقير غلام قادر پنهيار، سمون خان ڀنڀرو، يار محمد ڀنڀرو، محمد صالح ڀنڀرو ۽ ٻين صحافين جي ٽيم سان ڳالهائيندي چيو ته صالح پٽ ۾ تعليم جي تباهي جا ذميوار ڪامورا آهن.At Sand School2 (640x426)سندن نااهلي سبب ڪيترائي اسڪول بند آهن. اي ڊي او ميل صالح پٽ حاجي محمد ٻرڙو مطابق تعلقي ۾ 140 پرائمري اسڪول آهن ،جن مان 22 اسڪول اسٽاف جي گهٽ هجڻ سبب بند آهن. جڏهن ته ٽوٽل استادن جو تعداد 144 آهي ٻئي طرف سماجي ماڻهن علي گوهر راڄڙ ، دلبر ڀنڀرو ، امام ڏنو ڪلاڻي ، ڄام خان ، حاجي لالو، رحيم بخش مهر ۽ ٻين الزام هڻندي چيو آهي ته اثر رسوخ وارا استاد گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن ۽ ڪجهه استاد ويزا سسٽم تي آهن. هن وڌيڪ چيو ته تعليم کاتي جي رڪارڊ ۾ ڪيترائي اهڙا اسڪول آهن جيڪي کليل ڄاڻايل آهن پر اصل ۾ اهي پڻ بند آهن، جڏهن ته ڪجهه اسڪولن ۾ 10 کان 30 سالن تائين ڪوبه استاد مقرر نه ٿي سگهيو آهي . بند پيل اسڪولن مان نبن ڀنڀرو، اله جڙيو ڀنڀرو، لال بخش مهر، مبارڪ منڱريو ، کبڙي ڀٽ ، حاجي ڀنڀرو، ڄام خان ٿيٻو سميت ٻيا سوين اسڪول ٽيهن سالن کان بند پيل آهن انهن اسڪولن اندر چمڙا ، پکي ،اڏوهي ، ڄارو سميت مال جا وٿاڻ بڻجي ويا آهن. School Under Tree (640x367)هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي اهي ته فوري طور تي بند پيل اسڪولن کي کولي ۽ پٽ تي پڙهندڙ معصوم ٻارڙن لاءِ اسڪولن جون بلڊنگون ڏنيو ن وڃن ته جيئن مسقبل جا معمار پنهنجو مستقبل بڻائي سگهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button