دبئي

دبئي: مقصد ۽ منزل تي پهچڻ ۾ ڪير به روڪي نٿو سگهي،سنڌ يونائيٽيڊ سوشل فورم

دبئي: مقصد ۽ منزل تي پهچڻ ۾ ڪير به روڪي نٿو سگهي،سنڌ يونائيٽيڊ سوشل فورم
دبئي: مقصد ۽ منزل تي پهچڻ ۾ ڪير به روڪي نٿو سگهي،سنڌ يونائيٽيڊ سوشل فورم
دبئي : سنڌ يونائيٽيڊ سوشل فورم جو اجلاس فورم جي چيئرمين ممتاز علي بروهي جي صدارت هيٺ 15 مارچ 2013ع تي دبئي ۾ ٿي گذريو. اجلاس جي ڪارروائي جون ذميواريون فورم جي سيڪريٽري جنرل صدرالدين پنهور ادا ڪيون. اجلاس ۾ فورم جي عهديدارن ۽ سينٽرل ايگزيڪيوٽو باڊي جي ميمبرن زاهد حسين سهتو، توفيق احمد پيچوهو، منوهر لال آسراڻي، زيب علي ساريو، شبير احمد راجپوت، جمال الدين خاصخيلي، جاويد سولنگي، ارباب علي سولنگي، سيد محبوب علي شاهه شرڪت ڪئي جڏهن ته محي الدين پيچوهو ۽ نعيم احمد مبصر طور شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ فورم پاران تازو دبئي ۾ منعقد ڪيل سنڌ رنگ پروگرام جي شاندار ڪاميابي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ۽ عهديدارن ۽ سهڪاري دوستن سارنگ سنڌي، بشير شيخ، فاروق احمد سومرو، فهد علي شيخ، رفيق کيڙو، ضمير جوڻيجو، مختيار چنه، اعجاز جوڻيجو، وحيد حيات، نزاڪت مستوئي، حبيب البلوشي، اڪرم راجپوت ۽ ٻين جي بهتر ڪارڪردگي جي عيوض سندن همت ۽ داد کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو جن فورم پاران منعقد ڪيل سنڌ رنگ پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ ۾ پنهنجون ڀرپور صلاحيتون ڪتب آنديون. اجلاس ۾ فورم جي وائيس چيئرمين محمد بخش پنهور پاران ڏنل پنهنجي عهدي ۽ بنيادي ميمبرشپ تان ڏنل استعفي متفق راءِ سان منظور ڪئي وئي ۽ عهدي جي خانه پوريءَ لاءِ اجلاس ۾ شريڪ عهديدارن ۽ ميمبرن کان آئين مطابق تجويزون پڻ ورتيون ويون ۽ فيصلو ڪيو ويو ته فورم جي وائيس چيئرمين جو عهدو ايندڙ اجلاس ۾ ڀريو ويندو. اجلاس ۾ فورم جي عهدن جي حلف برادري کان رهجي ويل ٻن عهديدارن سيڪريٽري فنانس توفيق احمد پيچوهو ۽ سيڪريٽري انفارميشن زيب علي ساريو کان حلف ورتو ويو جيڪو فورم جي سيڪريٽري جنرل صدرالدين پنهور کين حلف کڻايو. فورم جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو باڊي جي ميمبر گل حسن ميمڻ ۽ شبير احمد راجپوت جي والد بزرگوار حاجي بشير احمد راجپوت جي طبيعت ناساز هجڻ تي اجلاس ۾ سندن مڪمل صحتيابي لاءِ دعاءِ خير پڻ گهري وئي. آخر ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي فورم جي چيئرمين ممتاز علي بروهي چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ سوشل فورم ساٿي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي ڏينهن رات اڻ ٿڪ محنت ۽ دلي لڳاءُ سبب پنهنجي مقصد ۽ منزل طرف وڌي رهيو آهي ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جو اسين سنڌي ماڻهن جي زندگي ۾ درپيش ايندڙ هر مسئلي ۽ ڏکن جو درمان بڻجي هڪ نمائينده پليٽ فارم ثابت ٿيون. هن چيو ته فورم پاران عنقريب ميمبر شپ مهم کي وسيع بڻايو ويندو ۽ گڏيل عرب رياستن جي سمورين رياستن ۾ علائقائي سطح تي يونٽ جوڙي سمورن سنڌي ماڻهن کي هڪ پليٽ فارم تي متحد و منظم ڪيو ويندو. چيئرمين ممتاز علي بروهي سنڌ رنگ محفل جي شاندار ڪاميابي تي فورم جي عهديدارن، سينٽرل ايگزيڪيوٽو باڊي جي ميمبرن ۽ ٻين سمورن ساٿين کي مبارڪباد پيش ڪندي سندن ٿورو پڻ مڃيو ۽ اميد جو اظهار ڪندي چيو ته سڀني دوستن جو اسان سان سهڪار ۽ ساٿ هميشه ائين سلامت رهيو ته پوءِ اسان کي پنهنجي مقصد ۽ منزل تي پهچڻ ۾ ڪير به روڪي نٿو سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button