بين الاقوامي خبرون

  • مارچ- 2013 -
    18 مارچ

    دبئي: مقصد ۽ منزل تي پهچڻ ۾ ڪير به روڪي نٿو سگهي،سنڌ يونائيٽيڊ سوشل فورم

    سنڌ يونائيٽيڊ سوشل فورم جو اجلاس فورم جي چيئرمين ممتاز علي بروهي جي صدارت هيٺ 15 مارچ 2013ع تي دبئي ۾ ٿي گذريو. اجلاس جي ڪارروائي جون ذميواريون فورم جي سيڪريٽري جنرل صدرالدين پنهور ادا ڪيون.

    وڌيڪ پڙھو
  • جولائی- 2012 -
    10 جولائی

    نوجوان ڊاڪٽر اسانجي ملڪ جو سرمايو آهي، پاڪستاني سفير محمد بخش سانگي

    ڪرغز اسٽيٽ ميڊيڪل اڪيڊمي ڪرغزستان جي ڪانووڪيشن جي تقريب 3 سنڌي شاگرد ن سميت 89 پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين ايم ڊي ميڊيسن مڪمل ڪري ورتي. تفصيل موجب ڪرغز اسٽيٽ ميڊيڪل اڪيڊمي جي ڪا نووڪيشن جي تقريب ٿي

    وڌيڪ پڙھو
  • جون- 2012 -
    4 جون

    نائيجيريا: مسافر کڻي ويندڙ تباھ، 150 اجل جو شڪار

    نائيجيريا جي سڀ کان وڏي شھر لاگوس ۾ ھڪ مسافر جھاز ڪري تباھ ٿي ويو آھي، حڪومت مطابق پرائيويٽ ڪمپني جي ان جھاز ۾ ھڪ سو پنجاھ مسافر سوار ھئا ۽ حادثي ۾ ڪوبه مسافر زنده ناھي بچيو

    وڌيڪ پڙھو
  • مئی- 2012 -
    19 مئی

    آمريڪا پاڪستان کان معافي وٺڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

    آمريڪا سلاله چيڪ پوسٽ تي حملي تي پاڪستان کان فوجي سطح تي معافي وٺڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان نيٽو سپلاءِ جي بحالي تي آمريڪا کان وڌيڪ ساڍا 36 ڪروڙ ڊالر ساليانو وٺندو، جڏهن ته پاڪستان سلاله چيڪ پوسٽ تي حملي تي آمريڪا کان معافي ۽ ڊرون حملا بند ڪرڻ جي مطالبن تان هٿ کڻي ويو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • جون- 2011 -
    15 جون

    آءِ ايس آءِ ۽ حقاني نيٽ ورڪ ۾ لاڳاپن بابت ڪي به ثبوت ناهن: آمريڪا

    آمريڪا چيو آهي ته آءِ ايس آءِ ۽ حقاني نيٽ ورڪ ۾ لاڳاپن بابت وٽن ڪي به ثبوت ناهن،جڏهن ته پاڪستان کي امداد جي فراهمي ٻنهي ملڪن جي قومي سلامتي جي مفاد ۾ آهي. واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مارڪ ٽونر چيو ته پاڪستان کي ملندڙ امداد ان جي جمهوري ادارن جي تعمير ۽ انفرا اسٽرڪچر توڙي معيشت جي ترقي لاءِ آهي. هن چيو ته امداد جو وڏو حصو ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڏنو ويو آهي،جڏهن ته امداد جي فراهمي سان پاڪستان وڌيڪ جمهوري ۽ مضبوط ملڪ بڻجي سگهي ٿو. آءِ ايس آءِ ۽ حقاني نيٽ ورڪ وچ ۾ لاڳاپن بابت سوال جي جواب ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته آءِ ايس آءِ ۽ حقاني نيٽ ورڪ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان وٽن ڪي به ثبوت موجود ناهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 13 جون

    القاعده اڳواڻ فضل عبدالله صوماليا ۾ مارجي ويو

    آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن چيو آهي ته صوماليا ۾ القاعده اڳواڻ فضل عبدالله محمد جو مارجڻ تنظيم لاءِ وڏو ڌڪ ڏسو صفحو3 نمبر2 آهي. آمريڪي اختيارين موجب القاعده اڳواڻ فضل عبدالله محمد ۽ سندس ساٿي صوماليا جي گادي واري هنڌ موگاديشو ۾ هڪ ناڪي تي پوليس سان چڪري ۾ مارجي ويو. مٿس اوڀر آفريڪا ۾ آمريڪي سفارتخاني تي حملي ۾ ملوث هئڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو هو، جنهن ۾ 224 ماڻهو مارجي ويا هئا. آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن جو چوڻ هو ته فضل عبدالله محمد جي موت سان هڪ اهڙي ويڙهاڪ جو خاتمو ٿيو آهي، جنهن نيروبي، دارالسلام ۽ ٻين شهرن ۾ آمريڪي سفارتخاني جي اهلڪارن جي قتل ۾ حصو ورتو. هيلري ڪلنٽن جو چوڻ هو ته فضل عبدالله جو موت القاعده، سندس اتحادين ۽ اوڀر آفريڪا کي انهن جي ڪارروائين لاءِ زبردست ڌچڪو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button