پرڏيھي خبرون

نوجوان ڊاڪٽر اسانجي ملڪ جو سرمايو آهي، پاڪستاني سفير محمد بخش سانگي

Sindhi Doctorsبشڪيڪ : ڪرغز اسٽيٽ ميڊيڪل اڪيڊمي ڪرغزستان جي ڪانووڪيشن جي تقريب 3 سنڌي شاگرد ن سميت 89 پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين ايم ڊي ميڊيسن مڪمل ڪري ورتي. تفصيل موجب ڪرغز اسٽيٽ ميڊيڪل اڪيڊمي جي ڪا نووڪيشن جي تقريب ٿي جنهن ۾ پاڪستاني سفير محمد بخش سانگي ، وائس چانسلر يوسف اوشنديوچ ۽ شاگردن جا والدين مهمان خصوصي هئا، تقريب ۾ 89 پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين 6 سال جي تعليم مڪمل ڪري ڊاڪٽر آف ميڊيسن جي ڊگري حاصل ڪئي، تقريب ۾ سوشل پروگرام ۽ بهترين ڪارڪردگي ڪرڻ وارڻ شاگردن هانر سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، ان موقعي تي پاڪستاني سفير محمد بخش سانگي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته نوجوان ڊاڪٽر اسانجي ملڪ جو سرمايو آهي، اميد آهي ته نوجوان ڊاڪٽر قوم جي خدمت ڪندا ۽ خاص طور تي ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڊاڪٽرن جي اشد ضرورت آهي اتي وڃي غريبن جي خدمت ڪندا. ان چيو ته ڪرغزستان جي يونيورسٽين ۾ سوين پاڪستاني شاگرد زير تعليم آهن، وائس چانسلر يوسف اوشنديوچ چيو ته اسانجي اڪيڊمي مان سوين ج تعداد ۾ غير ملڪي شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جنهن ۾ پاڪستاني به شامل آهن، 2012 سال ۾ 89 پاڪستاني شاگردن ڊاڪٽر آف ميڊيسن 6 ساله مڪمل ڪئي آهي، هن چيو ته اسان اميد ڪيون ٿا ته نوجوان ڊاڪٽر پنهنجي ملڪ قوم جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪندا ۽ اسانجي اڪيڊمي جو نالو روشن ڪندا. ان چيو ته اسان هن سال ۾ ڪرغز اسٽيٽ ميڊيڪل اڪيڊمي ۾ يورپين تعليم نظام متعارف ڪرائي رهيا آهيون

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button