اسلام آباد

بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي شاهدن کي قتل جي ڌمڪي

Benazir Murderاسلام آباد: بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي شاهدن کي قتل جون ڌمڪيون، هڪ انسپيڪٽر لاپتا، تفصيل موجب شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جي شآهدن ٽن پوليس عملدارن انسپيڪٽر اشفاق، انسپيڪٽر اعجاز شاهه ۽ انسپيڪٽر الياس کي افغانستان جي نمبر تان فون ڪالز ذريعي ڌمڪي ڏني وئي ته جيڪڏهن ڪيس جي شاهدي ڏني ته قتل ڪري ڇڏينداسين، جڏهن ته انسپيڪٽر اشفاق ٻن ڏينهن کان گم ٿي ويو، جنهن جي وارثن ٿاڻي تي رپورٽ به داخل ڪرائي ڇڏي آهي، ٻي طرف اهڙيون ڌمڪيون ملڻ کانپوءِ شاهدن کي مڪمل سيڪيورٽي جو حڪم ڏنو ويو آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button