ڌھرڪي

پيرسائين سيد صبغت الله شاه راشدي سورهيه بادشاهه جي 70 هين ورسي ملھائي وئي

پيرسائين سيد صبغت الله شاه راشدي سورهيه بادشاهه جي 70 هين ورسي ملھائي وئي
پيرسائين سيد صبغت الله شاه راشدي سورهيه بادشاهه جي 70 هين ورسي ملھائي وئي
ڏهرڪي: پيرسائين سيد صبغت الله شاه راشدي سورهيه بادشاهه جي 70 هين ورسي جي تقريب فنڪشنل مسلم ليگ طرفان ڏهرڪي ۾ تعلقي صدر نظيرپنهيار جي رهائشگاهه تي ٿي گذري جنهن ۾ مختلف پارٽين جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن کانسواءِ پارٽي جي اڳواڻن،ڪارڪنن ۽ حرجماعت جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن اڳوڻي ايم اين اي ميان عبدالحق عرف ميان مٺو،سيد فخرالدين شاهه، ميان شفيق احمد،ڄام عبدالفتح سميجو،نظير پنهيار،ميان عبدالمالڪ،محمد امجد لغاري،محمد صادق لغاري،عطا محمد مهر،گهنور فقير مهر،يونس مهر ۽ ٻين چيو ته پيرسائين سيد صبغت الله شاه راشدي سورهيه بادشاهه جون سنڌ لاءِ ڏنل قربانيون اڄ به وساري نه ٿيون سگهجن اسان کي گهرجي ته هن جي ڏسيل راهه تي هلي پنهنجي زندگي ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪيون ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ انسانذات سان محبت ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button