رانديون

گولڊ ميڊلسٽ نوجوان نوڪري جي لاءِ دربدريءَ جون ٺوڪرون کائڻ لڳو

Gold Medlist of Sukkur (640x459)سکر (بيورورپورٽ) ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ گولڊ ميڊلسٽ نوجوان نوڪري جي حصول لاءِ دربدريءَ جون ٺوڪرون کائڻ بعد احتجاجن گولڊ ميڊلسٽ پنهنجا تمام ميڊلز ۽ سرٽيفڪيٽ وڪرو ڪرڻ لاءِ پيش ڪري ڇڏيا، سکر پريس ڪلب آڏو روهڙي جي رهواسي انٽرنيشنل ڪراٽي چيمپئين و ايٿليٽ ڪامران شيخ پاران بيروزگاري کان تنگ اچي ڪري احتجاجن پنهنجا ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ وڪرو ڪندي ٻڌايو ته 8 0 0 2 ۾ ڀارت ۾ ٿيندڙ انٽرنيشنل ايشيا ۽ وودو ڪنگفو ڪراٽي چيمپيئن شپ ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ تي حڪومتي نمائندن پاران مون کي نوڪري فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو هيو پر پنج سالن کان وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو آهي اڃان تائين مون کي نوڪري فراهم نه ڪئي آهي، مهانگائي جي هن دور ۾ گهر جي ڪفالت نٿو ڪري سگهان، هن ٻڌايو ته ان جو والد سبزي وڪرو ڪندو آ هي، ڇهن ڀينرن ۽ ڀائرن ۾ سڀ کان وڏو آهيان ۽ گهر جي ڪفالت لاءِ سبزي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهيان، هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته هن کي نوڪري فراهم ڪئي وڃي، حڪومت پاران اگر نوڪري فراهم نه ڪئي وئي ته هو ايٿليٽز جي دنيا کان پري ٿي ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button