ھنڱورجا

هنڱورجا: سنڌ آبادگار اتحاد پاران پاڻي جي کوٽ خلاف مظاھرو

Hingorja protest (640x252) هنڱورجا ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي تعلقي صوڀوديرو جي 200 اسڪارپ ٽيوب ويل ناڪارا هجڻ ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين تباهه ۽ برباد ٿي وڃڻ ۽ تعلقي جي 17 شاخن ۽ واهن جي ٽن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ ڪري شاخون پورجي وڃڻ جي خلاف تعلقي جي ڳوٺ سهته، ڳوٺ حطار، گاجي ڳوٺ، بچل ڀبڀرو، آچر سهتو، پيالو لاڙڪ، قاسم سولنگي، محمد پناهه سولنگي، ڳوٺ قريشي سيد بچل شاهه، ڳوٺ بنگل خان چانگ، ڳوٺ جونگل خان چانگ سميت 30 کان وڌيڪ ڳوٺن جي آبادگارن ۽ هارين سخي ناصر شاهه گيٽ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي آبپاشي ۽ اسڪارپ کاتي ڪامورن خلاف سخت نعريبازي ڪئي . بعد ۾ آبادگار هاري 16 ڏينهن کان سخي ناصر شاه گيٽ اڳيان قائم بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي ڪامريڊ ڪانڊيرو خان سهتو، لونگ خان ، نظر لاڙڪ ، ممتاز سهتو، منظور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن جي وڏي انگ بک هڙتال ڪئي. بک هڙتالي ڪئمپ تي فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي خيرپور جي صدر سيد محرم علي شاهه ، لعل ڏنو ناريجو، انيس احمد نوحاڻي، سني تحريڪ جي صابر سهتو، پي پي جي رسول بخش ڀٽو، دوست محمد سهتو، وفد جي صورت ۾ پهچي حمايت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي فنڪشنل ليگ ضلعي صدر سيد محرم علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايوب خان جي دور حڪومت ۾ قائم ڪيل اسڪارپ کاتي جا ٽيوب ويل تباهه ۽ ناڪارا بڻيل آهن. جنهن ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين سم جي پاڻي جي لپيٽ ۾ آهي ۽ آبادگارن کي ساليانو ڪروڙين روپين جو نقصان پئجي رهيو آهي. افسوس جو وزيراعلي جي ضلعي ۾ اسڪارپ کاتو بيمار کاتو بڻجي ويو آهي جنهن کي انسولين تي هلايو وڃي ٿو. بک هڙتالي آبادگارن الزام لڳايو ته ٽيوب ويلن جي مرمت لاءِ ماهوار ايندڙ ڏيڍ ڪروڙ روپيه ڪوڙن ووچرن جي زريعي ڪامورا هڙپ ڪري رهيا آهن . شاخن جي کاٽي نه ٿين جي ڪري شاخون مڪمل پورجي ويون آهن اسان جو هي احتجاج مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button