مختصر خبرون

سنڌي ٻوليءُ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ مظاھرو

بختيار بگٽي، لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت ضلع لاڙڪاڻو ۽ سنگت ضلعي قمبر شهدادڪوٽ پاران سنگت جي مرڪز تي سنڌي ٻوليءُ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ larkano media فورم آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جن جي اڳواڻي ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي اڳواڻيءَ ۾ ايوب گاد، مختيار سمون، عنايت ميمڻ، ملهار سنڌي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي انهن خطاب ڪندي چيو ته سنڌي هزارين سالن جي انتهائي خوبصورت تاريخ رکندڙ شاندار زبان آهي جنهن ۾ ادبي زبان واريو سموريون خاصيتون موجود آهن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن ملڪ اندر سنڌي سميت سمورين قومي زبانن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي سنگ جي سرواڻ چيو ته هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو مليل آهي هنن وڌيڪ چيو ته 1972ع جي ٻوليءَ ائڪٽ تحت سنڌي سنڌ حڪمرانن کي گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏئي جيجل جي ٿڻ ملائڻ اسان جي جدوجهد هڪ وڏي عرصي کان وٺي جاري آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button