خيرپور: استاد محمد جمن جي ياد ۾ 16 فيبروري تي ملھائي ويندي
خيرپور: خيرپور آرٽس ڪائونسل جي سيڪريٽر لعل بخش منگي ڄاڻايو آهي ته خيرپور آرٽس ڪائونسل پاران سنڌ جي سدا حيات راڳي ۽ موسيقار استاد محمد جمن جي ياد ۾ 16 فيبروري 2013 تي سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ هڪ يادگار ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويندو جنهن ۾ کيس شخصيت ۽ فن جي حوالي سان ڀيٽا پيش ڪئي ويندي جڏهن ته پروگرام جا خاص مهمان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر نفيسه شاهه جيلاني، ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ، وائيس چانسلر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاهه هوندا پروگرام جي سٽاءُ موجب سچل آڊيٽوريم ۾ 10 وڳي بجي صبح جو تقريب جي تصويري نمائش سان شروعات ڪئي ويندي ۽ 11 وڳي صبح جو ضلعي خيرپور جي هاءِ اسڪولز جي شاگردن جي وچ ۾ ڪووئيز مقابلو ڪرايون ويندي جنهن جو موضوع خيرپور جو علم ، ادب، فن ۽ ثقافت هوندو. جڏهن ته 1 وڳي منجهند جو ساڳي موضوع تي ضلعي خيرپور جي هاءِ اسڪولز جي شاگر دن جي وچ ۾ تقريري مقابلا پڻ ڪرايا ويندا بعد ۾ 3 وڳي ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ ڪووئيز ۽ تقريري مقابلن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن توڙي ٻين مختلف شخصيتن کي خيرپور آرٽس ڪائونسل پاران ايوارڊ ڏنا ويندا. جڏهن ته شام جو 5 وڳي سنڌ جي سدا حيات راڳي ۽ موسيقار استاد محمد جمن جي فن ۽ شخصيت متعلق نصير مرزا ۽ نثار ميمڻ پاران ترتيب ڏنل ڊاڪيومينٽر ۽ مختلف اديبن ۽ ليکڪن پاران مقالا پيش ڪيا ويندا. پروگرام جو اختتام محفلِ موسيقي سان ٿيندي جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. جڏهن ته پروگرام ۾آيل مهمانن کي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ خيرپور آرٽس ڪائونسل جي چئيرمين طاهر حُسين سانگي پاران آجياڻو پيش ڪيو ويندو.