سکر

جماعت اسلامي پاران سکر پريس ڪلب جي آڏو بک هڙتال

Jamait Islami(640x319)سکر (بيورورپورٽ) جماعت اسلامي سکر ضلعي پاران ڪراچي ۾ نئي تڪ بندين ۽ووٽر لسٽن جي درستگي نه ٿيڻ جي خلاف جماعت اسلامي پاران سکر پريس ڪلب جي آڏو بک هڙتال ڪئي وئي، جنهن ۾ ضلعي امير مولانا پروفيسر مسعود علي خان، غلام غوث غازي، مولانا عبيدالله ڀٽو، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ ۽ بين ڪئي ۽ پريس ڪلب جي آڏو ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين پنهنجي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي بيٺا هئا، جن تي مختلف مطالبا لکيل هئا، مظاهرين پاران سخت نعري بازي ڪندي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي حڪم جي باوجود ڪراچي ۾ نئي تڪ بنديون نه پيون ڪيون وڃن، ۽ نه هي ووٽر لسٽن ۾ جعلي ووٽن کي خارج ڪيو پيو وڃي، اڳواڻن چيو ته جيستائين ڪراچي جي ووٽر لسٽن مان جعلي ووٽ نه ڪڍيا ويندا، تيستيائين صاف، شفاف اليڪشن نه ٿي سگهندي، ۽ فوج جي نگراني ۾ نئي ووٽر لسٽيون ۽ ڪراچي ۾ نئيون تڪ بنديون ٺاهيون وڃن، هنن چيو ته تمام پارٽين پاران ڪراچي ووٽر لسٽين مان جعلي ووٽ ختم ڪرڻ ۽ نئي تڪ بندين جي لاءِ احتجاج ۽ بک هڙتالون به ڪيون، پر حڪومت انهن جي احتجاج کي نظر انداز ڪري رهي آهي، هنن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچي جي نئي تڪ بندين ۽ فوج جي نگراني ۾ نئي ووٽر لسٽيون مرتب ڪيون وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button