فن ۽ فنڪارھنڱورجا

نالي وارو صوفي فنڪار نظر محمد جانوري لاڏاڻو ڪري ويو

صوفي فنڪار نظر محمد جانوري
صوفي فنڪار نظر محمد جانوري
ھنڱورجا: سنڌ جو نالي وارو صوفي فنڪار ۽ مزاحيه اداڪار نظر محمد جانوري ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد ۽ سرڪار پاران ڪابه سارسنڀال نه لهڻ جي ڪري ڪاري ڪامڻ سبب ڪالهه گمبٽ جي اسپتال ۾ 50 سالن جي ڄمار ۾ هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي ويو آهي جنهن کي هنڱورجا جي اباڻي ڳوٺ نيڪ محمد جانوري ۾ سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم فنڪار صوفي فنڪار نظر محمد جانوري[/caption]گذريل هڪ سال کان بيماري جي بستري تي پيل هيو جنهن جي علاج لاءِ سرڪار پاران ڪابه سارسنڀال نه لڌي وئي. نظر محمد جانوري هڪ وڏو مزاحيه ۽ صوفي فنڪار هيو. جنهن ملڪ توڙي ٻاهري ملڪ فن جو مظاهرو ڪيو ان کان علاوه هن ڪيترن ئي ٽي وي ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري پڻ ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button