صالح پٽ

صالح پٽ ۾ پوليو خلاف مهم جو آغاز تقريب ۾ ڊي سي ، ڊي ايڇ او سکر نه آيا

Polio campaignصالح پٽ، صالح پٽ ۾ پوليو خلاف مهم جو آغاز تقريب ۾ ڊي سي ، ڊي ايڇ او سکر نه آيا ويڪسينيٽرن جو سھولتون نه هجڻ جون دانهون ڊاڪٽر ڪبير (ڊبليو ايڇ او) اي ڊي سي ون مبين احمد خان ، ڊاڪٽر بلوچ ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مصر ۾ پوليو جو وائرس ظاهر ٿيڻ واري ڳالهه کي وٺي سکر ضلعي کي هٿ سان بدنام ڪيو ويو آهي گذريل سال کان سکر ضلعو پوليو فري آهي 2013 به پوليو فري هوندو سندن ٽيم سئو سيڪڙو ٽارگيٽ حاصل ڪندي . دنيا ۾ پاڪستان ، افغانستان ۽ نائيجيريا پوليو فري ناهن . ٻئي طرف وئڪسينيٽر اڳواڻن اشتياق احمد ، امام بخش قريشي ڊي سي جي نمائندي اي ڊي سي ون مبين الاهي کي حليم عادل طرفان مليل 34 لکن ۽ ارڙي متاثر علائقن ۾ موبائيل ٽيمن کي پئٽرول نه ملڻ بابت شڪايتون ڪيون جنهن تي مبين احمد خان ٻڌايو ته ڊي سي سکر کي اڃان رقم ناهي ملي ملندي ته هيلٿ ڊپارٽمينٽ حوالي ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button