خيرپور

خيرپور شهر اندر امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ گڏجاڻي

DC Meeting Photoخيرپور : خيرپور ضلعي خاص طور تي خيرپور شهر اندر امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڊي سي آفيس خيرپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طاهر حُسين سانگي جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي گُذري جنهن ۾ ايس ايس پي خيرپور عرفان مُختيار ڀُٽو، اي ايس پي خيرپور وقار شُعيب، ڊي ايس پي اڪبر وڳڻ، ريينجرز جي عملدارن ۽ مذهبي رهنمائن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ ڊي سي خيرپور ۽ ايس ايس پي خيرپور پاران مذهبي رهنمائن سان فردن فردن ملاقات ڪري شهر جي امن امان جي صورتحال جي حوالي سان غور و فڪر ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ ضلعي توڙي شهر اندر مذهبي رواداري، امن امان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، امن ڪاميٽي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ ۽ مذهبي گروپن جي وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ ۽ امن ڪاميٽي اندر وڌيڪ اصلاح ڪرڻ جا فيصلا ڪيا ويا. گڏجاڻي ۾ اڳوڻو سينيٽر چوڌري ساجد حُسين، مولانا مظهر عباس نقوي، سيد امتياز حُسين شاهه، سيد ناصر حُسين شاهه، مولانا سيد پريل شاهه، مولانا عبد الڪريم مري، سيد ڪمال شاهه، عبد الله شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button