گھوٽڪي

ڏهرڪي : سسئي پليجو داد سنڌي پبلڪ لائبريري جو افتتاح ڪيو

سسئي پليجو لائبريري جو افتتاح ڪندي
سسئي پليجو لائبريري جو افتتاح ڪندي
ڏهرڪي:ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو مونو ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ڏهرڪي ۾داد سنڌي پبلڪ لائبريري جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي شهرين ۽ پارٽي ڪارڪنن جي عوامي ميڙکي خطاب ڪندي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو چيو ته ڏهرڪي ۾ دادا سنڌي لائبريري جو بنياد سنڌ جي سجاڳي لاءِ هڪ سٺو سنوڻ ثابت ٿيندو هن چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ جي تعليمي ۽ سياسي سرشتي کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ڪارو ڪاري، قبيلائي جهيڙن طرف هٿ وٺي ڌڪيو پيو وڃي پر هاڻي سنڌ جي شعور کي سجاگ ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ سنڌ جي انقلابي تبديلي لاءِ لائبريريون ۽ سيمينار ضروري آهن هن وڌيڪ چيو ته دادا سنڌي جون گهوٽڪي ضلعي جي عوام لاءِ تعليمي لحاظ سان تمام گهڻيون خدمتون آهن جيڪي ساراهه جوڳيون آهن جنهن کي فراموش نه ٿو ڪري سگهجي هن چيو ته لائبريري لاءِ سي ايس ايس ۽ ٽوفيل جا ڪتاب ڪلچر کاتي پاران مفت ۾ فراهم ڪيا ويندا جنهن بعد هتان جا نوجوان اعليٰ عهدن لاءِ چٽا ڀيٽي جا امتحان پاس ڪري سگهندا ۽ هتان جي تعليمي ماحول ۾ مثبت تبديلي ايندي .ان موقعي تي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي،ڊاڪٽر محمد علي مانجهي،پ پ پ اڳواڻ رشيد احمد ڀٽو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جنهن بعد صوبائي وزير ڏهرڪي جي سماجي تنظيم لاٽ هيومن ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران قائم ڪيل لاٽ لائبريري جو افتتاح پڻ ڪيو ان موقعي تي صوبائي وزير سسئي پليجو ۽ ثقافت کاتي جي سيڪريٽري جي عبدالعزيز عقيلي چيو ته سماجي تنظيم لاٽ هيومن ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت قائم ڪيل لاٽ لائيبريري جو افتتاح ڪندي اسان کي دلي خوشي محسوس ٿي جو لاٽ تنظيم جي اڳواڻن هتان جي نوجوانن جي ذهني اوسر لاءِ موقعو فراهم ڪري نوجوانن کي تعليمي هٿي ڏئي پنهجو بهتر ۽ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جنهن تي اسين کيس جس ڏيون ٿا ۽ اميد ڪيون ٿا ته اهي پنهنجي جاکوڙ ائين ئي جاري رکندا رهندا ان موقعي تي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو ۽ سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي لاٽ لائبريري ڏهرڪي لاءِ سي ايس ايس سميت مختلف ڪورسسز ۽ ثقافتي ڪتابن جو تحفو پڻ ڏيڻ جو اعلان ڪيو جڏهن ته تقريب کي ڊاڪٽر ڀورا رام، رميش ڪمار بي ايم،پيشو رام،طارق سومرو،اشوڪ ڪمار رهڙڪا،راجيش ڪمار ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button