ٻارن جي دنياسنڌي ادبڪھاڻيون

ڀاڳ

ظھور سولنگي
گذريل زماني جي ڳالھھ آھي ته ھڪڙي شھر ۾ ٻه ڀائر رھندا ھئا، وڏو ڀاءُ پئسي وارو ماڻھو ھوجڏھن ته ننڍو تمام غريب ھوندو ھو، ننڍو ڏاڍي محنت ڪندو ھو، ۽ وڏو مغرور ھو، ننڍي ڀاءُ وٽ محنت جي باوجود به ڪجھ نه بچندو ھو، ۽ ائين مفلسي واري زندگي گذاريندو ھو، وڏو ڀاءُ ھن کي کائڻ لاءِ به ڪجھ نه ڏيندو ھو.
ھڪ ڏينھن جڏھن ننڍي ڀاءُ کي مزدوري نه ملي ۽ مايوس ٿي رستي تي ويٺو ھو ته ھن کي ننڊ وٺي ويئي، ھن کي خواب ۾ ڪنھن چيو ته مايوس ڇوويٺوآھين اٿ فلاڻي جڳھ تي تنھنجو ڀاڳ بيمار پيو آھي وڃ ان جي خدمت ڪر، ھي اٿيو ۽ رستو وٺي ھلڻ لڳو رستي تي ھن کي ھڪ گھوڙو مليو جيڪو مٽي کائي رھيو ھو، گھوڙي ھن کان پڇيو ته ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين، ، ھن جواب ڏنو ته ڀاڳ ڏي پيو وڃان، گھوڙي چيس ته منھنجي باري ۾ پڇجانس ته مان گاھ به کائيندس يا رڳو مٽي کائيندس، ھي اتان ھليو ۽ اچي ھڪ ڳوٺ ۾ پھتو جتي رڳو مينھن پيو وسي بس ئي نه پيو ٿئي، ھي ڪنھن چڱي مڙس جي اوطاق تي ڪھي ويو. ان شخص ھن غريب جي ڏاڍي خدمت ڪئي ۽ پڇيو ته ڪيڏانھن پيو وڃين، ھن جواب ڏنو ته ڀاڳ سان ملڻ پيو وڃان، ان شخص چيس ته ڀاڳ کان معلوم ڪجانءِ ته اسان مٿان ھيءَ مصيبت ٽرندي يا سڄي زندگي پيو مينھن وسندو، ھي اتان Luckروانو ٿيو ۽ اچي درياء وٽ پھتو درياء جي ڪپ تي ھڪ واڳون مليس جنھن ھن کان پڇيو ته ڪيڏانھن پيو وڃين، ھن جواب ڏنو ته ڀاڳ ڏانھن پيو وڃان، واڳونءَ چيس ته ڀاڳ کان پڇجانس ته مان رڳو ھن ئي ٽڪري ۾ رھندس، يا اڳتي به ويندس ڇوته مان ھن ٽڪري کان اڳتي نه ٿو وڃي سگھان، غريب چيس ته چڱو مون کي ھتان درياءُ پار ڪراءِ ته جيئن ڀاڳ کان پڇي اچان، واڳونءَ ھن کي پٺيءَ تي سوار ڪري درياءُ پار ڪرايو.
ھي ھلندو رھيو ۽ اچي ھڪ غار وٽ پھتو ڏٺائين ته ڀاڳ بيمار ستو پيو آھي، ۽ ڏاڍو ڪمزور آھي. ھن ڀاڳ جي خدمت ڪئي ۽ ھن کي زور ڏنائين، ھاڻي ڀاڳ سجاڳ ٿيو ۽ پڇيوته تو ھتي ڪيئن؟؟ غريب چيس ته تو آندو آھي، ڀاڳ چيس ته تون ھل مان پويان اچان ٿو، ھن ڀاڳ کان گھوڙي، واڳون ۽ ڳوٺ وارن جي باري ۾ پڇيو، ڀاڳ چيس ته ته گھوڙي کي چئجانءِ ته جيستائين ڪو ماڻھو توتي سواري نه ڪندو تيستائين پيو مٽي کائيندين، واڳونءَ کي چئجانءِ ته تنھنجي پيٽ ۾ھيرن جي پيٽي آھي جيستائين ٻاھرنه ڪڍندين ته تيستائين اتي پيو ھوندين اڳتي نه وڌي سگھندين، ڳوٺ وارن کي چئجانءِ ته جيستائين توھان ڪو بادشاھ مقرر نه ڪندؤ ته تيستائين اوھان مٿان اھا تھمت نه ٽرندي.
ھي ڀاڳ کان موڪلائي گھر ھلڻ لڳو درياءَ تي واڳون مليس جنھن پڇيس ته ڀاڳ ڇا چيو، ھن چيو ته پھريان درياءَ پار ڪراءِ پوءِ ٻڌايانءِ ٿو واڳون ءَ درياءَ پار ڪرايس، ھن واڳونءَ کي چيو ته تنھنجي پيٽ ۾ ھيرن جي پيتي آھي جيستائين اھا نه ڪڍندين ته تيستائين اڳتي نه وڃي سگھندين، واڳونءَ الٽي ڪئي پيٽي اچي ڪناري تي پئي ۽ پاڻ اڳتي روانو ٿي ويو. ھن ھيرن جي پيتي کنئي ۽ اڳتي ھلڻ لڳو ته گھوڙو مليس ان کي چيائين ته جيستائين ڪو ماڻھو توتي سواري نه ڪندو تيستائين گاھ نه کائي سگھندين، گھوڙي چيس ٻيو وري ڪھڙو ماڻھو آھي تون ئي سواري ڪر، ھن گھوڙي تي سواري ڪئي گھوڙو گاھ کائڻ لڳو ۽ گھوڙي کي ساڻ ڪري ڳوٺ وارن وٽ اچي پھتو ۽ انھن کي چيائين ته ڀاڳ چيو ته جيستائين بادشاھ مقرر نه ڪندؤ ته تيستائين مينھن بس نه ٿيندو، ھنن چيس ته ٻيو وري ڪير آھي، تون ئي بادشاھ ٿيءُ، ھي بادشاھ ٿيو ۽ اھڙي طرح مينھن بند ٿيو، ھاڻي ھي ڏاڍو آرام سان زندگي گذرڻ لڳو ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ھن پنھنجي گھر وارن کي گھرايو ۽ پنھنجي وڏي ڀاءُ کي به گھرايو.

نوٽ : ھي ڪھاڻي گل ڦل جي جنوري 1997 جي شماري ۾ شايع ٿي ھئي، ان وقت گل ڦل جو ايڊيٽر مرحوم اڪبر جسڪاڻي ھو ۽ ھي ڪھاڻي مون کي مرحومه ماسي سونا خاتون ملاح ٻڌائي ھئي.

[social-bio id=4]
ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو