خيبر پختون خوا

طالبان جا بم ۽ گوليون ختم ٿي وينديون پر اسان جا سينا ختم نه ٿيندا: بشير بلور جو فرزند

Bashir bilourپشاور: شهيد بشير احمد بلور جي فرزند عثمان بلور پيءُ جي شهادت تي فخر جو اظهار ڪندي چيو ته بشير احمد بلور کي شهادت جو نشان هو، الله پاڪ پيءُ جي شهادت قبول عطا فرمائي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيءُ هميشه چوندو هو ته دهشتگردن جا بم ۽ گوليون ختم ٿي وينديون پر اسان جا سينا ختم نه ٿيندا. پيءُ جي شهادت کانپوءِ اسان ٻئي ڀائر پيءُ جي جاءِ تي چونڊون وڙهنداسين. ۽ سندس مشن کي جاري رکنداسين، هن چيو ته اسان دهشتگردن اڳيان نه جهڪنداسين. ٻئي طرف اي اين پي سنڌ جي صدر سينيٽر شاهي سيد چيو آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سموريون پارٽيون هوش کان ڪم وٺن، دهشتگرد کي دهشتگرد چوڻو پوندو، جيستائين اسان گڏجي انهن ظالمن خلاف ويڙهه نه ڪنداسين تيستائين اهي اسان جا ڀاءُ ۽ اسان جا ٻار ماريندا رهندا، هن چيو ته اين اين پي هميشه سچ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ طالبان اڳيان جهڪڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button