سکر

سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي ن سکر ۽ ڀرپاسي ۾ سنڌ دشمن آرڊيننس خلاف ھڙتال ۽ ڌرڻا

بيورورپورٽ، سکر
Protest against new local Govt. ordinanceسنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي سنڌ جي ٻين شهرين جيان سکر ۽ ڀرپاسي به سنڌ دشمن آرڊيننس جي خلاف قوم پرست پارٽين پاران روڊن تي ڌرڻا هڻي روڊن کي بند ڪيو ويو جنهن ڪري سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور بند ٿي وئي ۽ قوم پرست پارٽين پاران سنڌ ۾ نئين آرڊيننس خلاف سخت نعري بازي ڪندي ان کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ چيو ته سنڌ جو عوام نئون آرڊيننس کي لاڳو ٿيڻ نه ڏيندو نئون آرڊينس سنڌ جي تقسيم ڪرڻ برابر آهي جيستائين مڪاني نظام بابت جاري ٿيندڙ نئون آرڊيننس واپس نه ورتو ويندو تيستائين سنڌ جون قوم پرست پارٽين سيمت سنڌ جو عوام ان خلاف جدو جهد جاري رکندو اندرون سنڌ ۾ قوم پرست پارٽين پاران روڊن تي ڌرڻا هڻي روڊ بند ڪرڻ جي صورت ۾ سوين ميلن تائين ٽريفڪ جام ٿي وئي جڏهن ته سنڌ ترقي پسند پارٽي، مسلم ليگ (ن)، جسقم، ايس يو پي، ڪارڪنن بس ٽرمينل لڳ قومي شاهراه تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب بلوچستان، پنجاب، ۽ ڪراچيءَ طرف ويندڙ ۽ ايندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻ مقيم کوسو، وحيد کوسو، (ن) ليگ اڳواڻ سرور لطيف، شهزادو ڀٽو، جسقم جي مظهر عباسي، ۽ ٻين چيو ته سنڌ خلاف ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو حڪومت اقتدار بچائڻ لاءِ هڪ جماعت کي راضي رکڻ لاءِ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ڪوشش پئي ڪري پر سنڌ جا ماڻهو اهڙي غير آئني آرڊيننس ۽ سنڌ دشمن منصوبي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا هنن چيو هاڻي سنڌ سان ٻٽو معيار ختم ٿيڻ گهر جي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button