پير جو ڳوٺ

پيار جي پرڻي تان سولنگي برادري ۾ شروع ٿيل خوني تڪرار جو نبيرو ٿي ويو

Pir Jo Goth Jan 2012 014پيرڳوٺ (رپورٽ اصغر ملاح) وڏاماڇيون ۾ پيار جي پرڻي تان سولنگي برادري ۾ شروع ٿيل خوني تڪرار جو نبيرو ٿي گذريو. فتوا ايندڙ آچر تي ڏني ويندي. خبر موجب وڏا ماڇيون ۾ هڪ سال اڳ نوجوان ربنوازسولنگي ۽ ناري سسئي سولنگي پاران پيار جو پرڻو ڪرڻ تان سولنگي برادري جي ٻين ڌرين ربنواز سولنگي ۽ حاڪم سولنگي ۾ شروع ٿيل خوني تڪرار جو نبيرو وڏا ماڇيون ۾ سولنگي برادري جي چڱي مڙس رٽائرڊ چيف انجينئر سائينداد خان سولنگي جي سرپئنچي ۾ ٿيو. ربنواز سولنگي جي ڌر پاران مور سولنگي ۽ وزير ملڪ جڏهن ته حاڪم سولنگي جي ڌر پاران استاد شمن سولنگي ۽ ضمير سولنگي مشير طور شامل ٿيا. ربنواز سولنگي جي ڌر پاران سندس ڀاءُ استاد علي ڏنو سولنگي سرپئنچ آڏو بيان ڪيو جڏهن ته حاڪم سولنگي جي ڌر پاران اختيار علي سولنگي بيان ڪيو. ڌرين جي بيان ٻڌڻ بعد فيصلي جو سرپئنچ سائينداد خان سولنگي ڌرين جي مشيرن کي ساڻ ڪري بند ڪمري ۾ وٺي ويو. هڪ ڪلاڪ جي صلاح مشوري ڪرڻ بعد سرپئنچ ۽ مشيرن ڌرين کي ٻڌايو ته فيصلي جي فتوا ايندڙ آچر 29 جولاءِ تي ٻڌائي ويندي ۽ سرپئنچ ٻنهي ڌرين کي اڳرائي نه ڪرڻ جو پڻ پابند بڻايو آهي. ياد رهي ته سولنگي برادري جي جهيڙيندڙ ٻنهي ڌرين ۾ هڪ سال کان خوني تڪرار هلندڙ آهي جنهن ۾ ربنواز سولنگي جو ڀاءُ مشتاق سولنگي اٺ مهينا اڳ مارجي ويو هو. جڏهن ته ربنواز سولنگي ۽ حاڪم سولنگي گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا هئا ۽ ڌرين هڪٻئي جي گهرن توڙين ملڪيتن کي باهه ڏئي پڻ ساڙي ڇڏيو هو. ڌرين ۾ اهڙي ٺاهه ٿيڻ جو ٻڌي علائقي واسين ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button