انٽرويو

قيدياڻين کي پنھنجي اولاد وانگر سمجھندي آھيان، رحمت عباسي

lrk womain gail suprentandent rahmat abasi ka interweoلاڙڪاڻو(ڳالھھ ٻولھھ : بختيار بگٽي) مان ھميشھ قيدين کي پيار ڏني آھي. مان پنھنجي ڊيوٽي ايمانداري ۽ سچائي سان نڀائي رھي آھيان ۽ قيدياڻين کي پنھنجي اولاد وانگر سمجھندي آھيان ليڊيز جيل لاڙڪاڻي جي سپرنڊينٽ رحمت عباسي جو ميڊيا سان خصوصي ڳالھھ ٻولھھ ھن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو آھي تھ ھتي ڪنھن بھ قسم جي شڪايت نھ آھي اسان وومين جيل ۾ عورت قيدين کي ھنر ، سلائي مشين ، ڀرت ڀرڻ توڙي ڪمپيوٽر جي سکھيا بھ ڏيئي رھيا آھيون ، ھنر مان جيڪو بھ ان جو قيمت ھوندي آھي تھ اھي قيدين جي ھٿان تيار ٿيل ڀرت بازار ۾ ڏيارائي ان جو سمورو رقم ان قيديءَ جي حوالي ڪندي آھيان، منھنجي ڪوشش ھوندي آھي تھ جيل اندر قانون جي ڀڃڪڙي نھ ٿئي ۽ ھن وڌيڪ چيوتھ مان پنھنجي اسٽاف جي ڊيوٽي ۾ ڪوتاھي ھر گز برداشت ناھيان ڪندي ھن ليڊيز جيل جو اسٽاف پنھنجي ايمانداري ۽ پابندي سان ڊيوٽي سر انجام ڏئي رھيا آھن. ھن چيو تھ ايم اين اي ميڊم فريال ٽالپر ۽ صوبائي وزير قانون ۽ جيلز محمد اياز سومرو جي ھدايتن توڙي مھربانين سان ھن وومين جيل ۾ عورت قيدين لاءِ اھي سڀ سھولتون مھيا ڪيون ويون جيڪي ھنن کي پنھنجي گھر ۾ بھ نھ ملنديون ھونديون، ھن چيو تھ ھن جيل ۾ 18 عورتون 54 ننڍي عمر جا ٻار قيدي آھن ھن چيوتھ منھنجي پوسٽنگ کي ھن جيل تي 7 سال ٿي ويا آھن ۽ ھن جيل ۾ صبح سان سوير قرآن شريف جو پڻ درس ڏنو ويندو آھي ۽ قيدياڻين کي ھر قسم جي سھولت فراھم ڪئي وئي آھي ان موقعي تي انڊس نيوز جي بيورو چيف بختيار بگٽي قيدياڻين سان ملاقات ڪري انھن کان تڪليفون توڙي حال احوال پڻ معلوم ڪيا، قيدياڻين ملتان واسڻ سيدھ خالدھ ، دادو جي اربيلي چانڊيو، ميرپور ماٿيلي جي سيد زينب شاھھ، ميرپور ٻرڙو جي مقصود بيبي ۽ ٻين انڊس نيوز کي ٻڌايو تھ اسان کي جيل اندر ڪنھن بھ قسم جي تڪليف نھ آھي ۽ اسا ن کي جيل اندر ھڪ ھفتي ۾ بھترين کاڌو پيتو ، علاج لاءِ ڊسپينسري، دوائون ۽ پي سي او جي سھولت پڻ ڏني وئي آھي پي سي او وٽان اسان پنھنجي وارثن سان حال احوال ڪنديون آھيون ، قيدياڻين وڌيڪ چيوتھ جيل سپرنڊينٽ ميڊم رحمت عباسي اسان جو تمام وڏو خيال رکندي آھي ۽ اسان کي پنھجي اولاد وانگر ڏسندي آھي .جڏھن تھ وومين جيل اندر عورت قيدين توڙي ٻارڙن قيدين لاءِ گيم، فٽبال، ڪرڪيٽ ۽ ٽيليويزن جي بھ سھولت ڏني وئي آھي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button