مختصر خبرون

حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس جو تقريبون جاري سگهڙ ڪانفرنس جاري

راشد حسين ميمڻ، سيوھڻ
حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس جي پهرين ڏينهن جو تقريبون ٿي گذريون جنهن ۾ ثقافت کاتي سنڌ پاران سگهڙ ڪانفرنس جو احتمام ڪيو ويو جنهن ۾ سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جيترائي سگهڙ اچي پهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ان موقعي تي مهمان خصوصي سنڌ يونورسٽي نظير مغل چيو ته سنڌ ان جي ڌرتي آهي ان ۾ مروند کان قلندر شهباز اچي سيوهڻ ۽ ان جي آس پاس ۾ تبليغ ڪري ڪيترن ئي پراين کان پچايو،ڊي سي ڄامشورو آغا سهيل پٺاڻ چيو ته سگهڙ سنڌ جا امين آهن اهي سنڌ جي ريتن رسمن لوڪ ڪهاڻين کي هٿي وٺرائي رهيا آهن ۽ سگھڙن جي لاءِ وڌيڪ وضيفي جي پڻ اعلان ڪيو.ان موقعي تي ( قلندر م مست م) ڪتاب ۽ ( سنڌڙي جو شهباز) ڪتاب جي مهوت به ڪئي وئي. سگهڙ ڪانفرنس ۾ سيد حاڪم شاه بخاري، ناز سهتو ۽ ٻين شرڪت ڪئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button