خيرپور

مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي خيرپور جي پرنسپال گڏجاڻي جي صدارت ڪئي

خيرپور: مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي خيرپور ميرس ۾ شروع ٿيڻ واري سيمسٽر جي رٿابندي جي سلسلي ۾ پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي صدارت ۾ انتظامي ۽ تدريسي شعبن جي سربراهن جي هڪ گڏجاڻي ٿي گذري.گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته شاگردن کي پڙهائي لاءِ وڌ کان وڌ بهتر ماحول مهيا ڪري ڏنو وڃي، هن چيو ته شاگردن کي ڪاليج ۾ موجود لائبريري،ليبارٽرين،ورڪشاپس ۽ انٽر نيٽ تي جديد دور جي گهرجن موجب سکڻ ۽ مطالعو ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر مجيب صحرائي وڌيڪ چيو ته شاگردن کي غير نصابي سرگرمين لاءِ به جلد وڌيڪ سهولتون مهيا ڪيون وينديون ته جيئن هو ذهني ۽ جسماني طور وڌيڪ چست رهن.گڏجاڻي ۾ چئني ٽيڪنالاجيز ميڪنيڪل انجنيئرنگ،سول انجنيئرنگ،اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۽ پيٽروليم ۽ نيچرل گئس انجنيئرنگ جي سربراهن سميت انتظامي شعبن جي سربراهن پڻ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button