تعليمي خبرون

  • مارچ- 2013 -
    22 مارچ

    سکر: نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ساليانه امتحان 08 اپريل کان شروع ٿيندا

    ثانوي ۽ اعلي ثانوي تعليمي بورڊ سکر جي ڪنٽرولر اعلان ڪيو اهي ته نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي ساليانه امتحان 08 اپريل کان 19 اپريل 2013 تائين وٺڻ جو شيڊيول جاري ڪيو آهي جنهن موجب گھوٽڪي، سکر ۽ نوشهروفيروز ضلعن جي سمورن اسڪولن ۾ ساليانه امتحان ورتا ويندا هن سلسلي ۾ سڀني امتحاني مرڪزن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ۽ لاڳاپيل اسڪولن کي پڻ اطلاع ڏنو ويو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • جولائی- 2012 -
    4 جولائی

    مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي خيرپور جي پرنسپال گڏجاڻي جي صدارت ڪئي

    مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي خيرپور ميرس ۾ شروع ٿيڻ واري سيمسٽر جي رٿابندي جي سلسلي ۾ پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي صدارت ۾ انتظامي ۽ تدريسي شعبن جي سربراهن جي هڪ گڏجاڻي ٿي گذري.گڏجاڻي کي خطاب ڪيو

    وڌيڪ پڙھو
  • اکتوبر- 2011 -
    19 اکتوبر

    زراعت، معيشيت، آبپاشي ماحوليات ۽ ٻين شعبن جي بحالي بابت منصوبا جوڙڻ لاءِ يونيورسٽي جا اسڪالر پنهنجو ڪم شروع ڪن: وائيس چانسلر سنڌ زرعي يونيورسٽي

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي گڏيل سهڪار سان تحقيقي ۽ تعميري منصوبا جوڙڻ جي حوالي سان ٻن ڏينهن جو ٽريننگ ورڪشاپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي سهڪار سان ٻوڏ ۽ برسات سبب ٿيل تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ زراعت، معيشيت، آبپاشي ماحوليات ۽ ٻين شعبن جي بحالي بابت منصوبا جوڙڻ لاءِ يونيورسٽي جا اسڪالر پنهنجو ڪم شروع ڪن ۽ جڏهن ته کاڌخوراڪ کي بهتر ۽ سستي اگهن ۾ دستيابي، غربت جي روڪڻ لاءِ منصوبن تي جديد بنيادن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 8 اکتوبر

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وي سي 35 ڪچن ملازمن ۾ پڪا آرڊر ڏنا

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته يونيورسٽي جا ملازم يونيورسٽي جي خوبصورتي جا ضامن آهن ۽ هنن اداري جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن اها ڳالهه يونيورسٽي جي 35-ڪچن ملازمن ۾ پڪا آرڊر ڏيڻ واري تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته يونيورسٽي جي جڏهن به مشڪل مرحلو آيو ته يونيورسٽي جي ملازمن سخت محنت ڪئي ۽ خاص طور تي يونيورسٽي جي بجيٽ جي کوٽي جي ڏينهن ۾ ملازمن پنهنجي هڪاري ڪردار ادا ڪيو ۽ اڄ يونيورسٽي جي خوبصورتي ۽ ليبارٽرين ۾ ٿيندڙ تحقيق ۾ ملازمن جو ڪم نظر ايندو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 اکتوبر

    يونيورسٽي جا ملازم يونيورسٽي جي خوبصورتي جا ضامن آهن: ڊاڪٽر عبدالقادر مغل

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته يونيورسٽي جا ملازم يونيورسٽي جي خوبصورتي جا ضامن آهن ۽ هنن اداري جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن اها ڳالهه يونيورسٽي جي 35-ڪچن ملازمن ۾ پڪا آرڊر ڏيڻ واري تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته يونيورسٽي جي جڏهن به مشڪل مرحلو آيو ته يونيورسٽي جي ملازمن سخت محنت ڪئي ۽ خاص طور تي يونيورسٽي جي بجيٽ جي کوٽي جي ڏينهن ۾ ملازمن پنهنجي هڪاري ڪردار ادا ڪيو ۽ اڄ يونيورسٽي جي خوبصورتي ۽ ليبارٽرين ۾ ٿيندڙ تحقيق ۾ ملازمن جو ڪم نظر ايندو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 5 اکتوبر

    خيرپور ءِ ڀرپاسي ۾ پاس ڪم ڪندڙ انڊسٽريز ، سرندي وارن ماڻهن ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنين کي پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي اپيل

    مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي خيرپور جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ته،خيرپور ۽ ان جي آس پاس ڪم ڪندڙ انڊسٽريز ، سرندي وارن ماڻهن ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنين جي انتظاميا کي اپيل ٿو ڪريان ته اهي مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهندڙ ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مدد ۽ همت افزائي لاءِ انڊومينٽ اسڪالر شپس ۾ حصو وٺن .اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪاليج ۾ ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ يونيورسٽي ايوارڊ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته مونکي اميد آهي ته، جيڪي شاگرد هي اسڪالر شپ حاصل نه ڪري سگهيا آهن، اهي به محنت ڪري امتحان ۾ وڌيڪ مارڪون کڻي، اسڪالر شپ حاصل ڪندا

    وڌيڪ پڙھو
  • ستمبر- 2011 -
    29 ستمبر

    مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو ملائشيا جي پنج ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽين مان ٽن سان تعليمي ۽ تحقيقي سرگرمين جي مٽا سٽا جو معاهدو ٿي ويو

    مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو ملائشيا جي پنج ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽين مان ٽن سان تعليمي ۽ تحقيقي سرگرمين جي مٽا سٽا جو معاهدو ٿي ويو، معاهدي ٿيل يونيورسٽين ۾ پترا يونيورسٽي، پيٽروناس يونيورسٽي ۽ ملايا يونيورسٽي، جيڪا يو ايس ورلڊ رينڪنگ ۾ 161 هين نمبر تي آهي، شامل آهن. اهڙو معاهدو مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو جي پرو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اسلم عقيلي ۽ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج خيرپور جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي پاران ملائشيا جي ڄاڻايل يونيورسٽين جي دوري دوران عمل ۾ آيو. معاهدي موجب ملائيشيا جي ٽاپ رينڪنگ ملايا، پيٽروناس ۽ پترا يونيورسٽي سان مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج گڏيل تحقيقي ۽ تعليمي سرگرميون ڪري سگهندو، جن ۾ اسڪالر شپ تحت استادن ۽ شاگردن جي مٽا سٽا، تحقيقي جرنلن سميت ٻئي تحقيقي مواد جي ڏي وٺ ۽ گڏيل ڪورسن جي ترتيب، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ ليڪچر وغيره ڪرائڻ شامل آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • 29 ستمبر

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جا وڌيڪ 9 استاد پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ چين ۽ مليشيا روانا ٿي ويا

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جا وڌيڪ 9 استاد پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ چين ۽ مليشيا روانا ٿي ويا آهن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران ٻاهرين يونيورسٽين سان ڪيل معاهدن جي روشني ۾ يونيورسٽي جي استادن جي اعليٰ تعليم واري منصوبي تحت اينيمل هسبنڊري اينڊ وٽرنري سائنسز فيڪلٽي جا رياض احمد لغاري، امداد لغاري،۽ فهميده سمون، ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي جا نياز احمد واهوچو، خالد احمد ٽالپور نانجنگ ۽ بيجنگ يونيورسٽيون چين۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي جو ذوالفقار مهر ۽ پڃل ٻٽ ملائشيا جي يونيورسٽي آف پترا جايا ۾ پي ايڇ ڊي جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ روانا ٿي ويا آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • 26 ستمبر

    هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ کٽائڻ ڪري يونيورسٽيون بئنڪن کان قرض وٺڻ لڳيون

    ستادن جي وفاقي تنظيم فپوسا جي سنڌ چيپٽر جي صدر ۽ سائوتا جي صدر پروفيسر نعمت الله لغاري، سيڪريٽري لياقت علي تنيو، ڊاڪٽرعابد حسنين، ڊاڪٽر اظهر شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد، ڊاڪٽر نور شاهه، ڊاڪٽر عثمان ڪيريو، احسان ميمڻ، ڊاڪٽرعرفانه ملاح، ۽ ٻين چيو آهي ته حڪومت پاران هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجٽ گهٽائي ڇڏي آهي، جنهن جي موٽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران ملڪ جي يونيورسٽين جي بجيٽ گهٽائي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ يونيورسٽيون پنهنجو ڪارونهوار بئنڪن مان قرض کڻي هلائي رهيو آهن. جنهن جو تدريسي عمل کي شديد جهٽڪو لڳو آهي، هوڏانهن خيبرپختونخواهه صوبي ۾ اتان جي استادن کي وفاقي حڪومت پاران بجيٽ ۾ وڌايل 15 سيڪڙو پگهار به نه ملي سگهي آه

    وڌيڪ پڙھو
  • جولائی- 2011 -
    23 جولائی

    علامه اقبال اوپن يونيورسٽي آگسٽ کان پهريون دفعو ڪامرس ۾ داخلا شروع ڪندي

    علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف ڪامرس پهرين آگسٽ کان پهريون دفعو ڪامرس ۾ اسوسي ئيٽ ڊگري پروگرامز ( اڪائونٽنگ اينڊ فنانس، بينڪنگ اينڊ فنانس، مارڪيٽنگ مينيجمينٽ، هيومين ريسوسز مينيجمينٽ، آئي ٽي مينيجمينٽ، هاسٽل مينيجمينٽ، هوٽل مينيجمينٽ ۽ ٽوئرزم مينيجمينٽ سيپشلائزيشن سان گڏ) داخلا شروع ڪري رهي آهي. اسسٽنٽ ريجنل ڊائريڪٽر علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ريجنل سينٽر سکر جي مطابق ايسوسي ئيٽ ڊگري پروگرام هاير ايجوڪيشن ڪميشن جي صلاح سان هيومن ريسورسز جي پيشه ورانه تربيت ۽ مارڪيٽ جي ضرورت جي مطابق تيار ڪيو ويو آهي. هي پروگرام خاص انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. جيڪو 4 ساله پروگرام کي مالي مجبورين جي ڪري حصو نه وٺي سگهيا آهن ۽ ملازمت شروع ڪرڻ چاهين ٿا

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button