ٽنڊو ڄام

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وي سي 35 ڪچن ملازمن ۾ پڪا آرڊر ڏنا

Paka oder SAUٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته يونيورسٽي جا ملازم يونيورسٽي جي خوبصورتي جا ضامن آهن ۽ هنن اداري جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن اها ڳالهه يونيورسٽي جي 35-ڪچن ملازمن ۾ پڪا آرڊر ڏيڻ واري تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته يونيورسٽي جي جڏهن به مشڪل مرحلو آيو ته يونيورسٽي جي ملازمن سخت محنت ڪئي ۽ خاص طور تي يونيورسٽي جي بجيٽ جي کوٽي جي ڏينهن ۾ ملازمن پنهنجي هڪاري ڪردار ادا ڪيو ۽ اڄ يونيورسٽي جي خوبصورتي ۽ ليبارٽرين ۾ ٿيندڙ تحقيق ۾ ملازمن جو ڪم نظر ايندو آهي، هن چيو ته يونيورسٽي جي شاگردن جي خدمت کان، تدريسي ۽ تحقيقي ڪم، فيلڊز ۽ آفيس جي ڪم ملازمن سخت محنت ڪئي آهي ۽ ملازمن جي جائزمسئلن جي حل ۾ ڪابه رڪاوٽ ناهي. ان موقعي تي رجسٽرار حفيظ الله ميمڻ، سائوٽا جي صدر پروفيسر نعمت الله لغاري، ملازم تنظيم جي صدر سيد عبدالمجيد شاهه راشدي، زبير علي سمون ۽ ٻين به خطاب ڪيو.
تصوير موڪليل آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button