ٽنڊو ڄام

زراعت، معيشيت، آبپاشي ماحوليات ۽ ٻين شعبن جي بحالي بابت منصوبا جوڙڻ لاءِ يونيورسٽي جا اسڪالر پنهنجو ڪم شروع ڪن: وائيس چانسلر سنڌ زرعي يونيورسٽي

VC SAUٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي گڏيل سهڪار سان تحقيقي ۽ تعميري منصوبا جوڙڻ جي حوالي سان ٻن ڏينهن جو ٽريننگ ورڪشاپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي سهڪار سان ٻوڏ ۽ برسات سبب ٿيل تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ زراعت، معيشيت، آبپاشي ماحوليات ۽ ٻين شعبن جي بحالي بابت منصوبا جوڙڻ لاءِ يونيورسٽي جا اسڪالر پنهنجو ڪم شروع ڪن ۽ جڏهن ته کاڌخوراڪ کي بهتر ۽ سستي اگهن ۾ دستيابي، غربت جي روڪڻ لاءِ منصوبن تي جديد بنيادن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن ٻڌايو ته يونيورسٽي صدر آصف علي زرداري کي زرعي بحالي جي لاءِ وڊيو ڪانفرنس ذريعي بريفنگ تي به پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن سرڪار جي سهڪار سان سنڌ جي زرعي معيشيت کي ٻيهر مظبوط ڪيو وڃي،۽ معاشي مامرن کي منهن ڏئي سگهجي، هن چيو ته پاڪستان سائنس فائونڊيشن پاران زرعي يونيورسٽي ۾ سينٽر قائم ڪرڻ هڪ تعميري قدم آهي ۽ زرعي يونيورسٽي ان لاءِ جڳهه فراهم ڪري رهي آهي ۽ ان سان زرعي تحقيق جي معيار ۾ اضافو ٿيندو، پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر منظور سومرو چيو آهي ته پي ايس ايف زرعي سائنس تي اهم ڪم سرانجام ڏئي پئي ۽ ملڪ ۾ صنعتي ادارن سان گڏ تحقيق واري رجحان هٿي ڏني وئي آهي ۽ هڪ خانگي چانهن ڪمپني سان گڏجي ملڪ جو پهرين چانهه جي پوک تي تحقيق لاءِ هڪ پي ايڇ ڊي ڪرائي وئي آهي ۽ جڏهن ته گيس جي حوالي سان منصوبن ۾ سوئي سڌرن گيس ۽ پي ايس ايف جي گڏيل منصوبي دوران هڪ پي ايڇ ڊي، هڪ ماسٽرس ۽ ٻيا گريجوئيٽ پائيپ ذريعي سان سائنسي بنيادن تي گيس جي منتقلي سميت مختلف اشوز تي تحقيق ڪئي وئي آهي، هن چيو ته ميڊيا ۽ صحافين سان گڏجي نون منصوبن تي ڪم شروع ڪري رهيا آهيون، جنهن ذريعي سائنسي صحافت ۽ خبرن جي اهميت ۽ نشرياتي ۽ اشاعتي ادارن ۾ سائنسي ڄاڻ جي تربيت توڙي مٽا سٽا تي ڪم شروع ڪنداسين.ان سلسلي ۾ ميڊيا فورم جوڙيو آهي، جڏهن ته پاڪ سوزوڪي سان به منصوبن تي گڏيل ڪم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته 2011 کي عالمي ڪيميسٽري سال قرار ڏنو ويو آهي، ۽ انٽرنيشنل ايڪسپو ۾ به پاڪستان جي هر سطح تي نمائندگي ۽ ٿيل تحقيق جو نماءُ ڪيو ويندو، ان موقعي تي يونيورسٽي جا ڊين، سائنسي، ۽ تحقيقي ادارن جا سربراهه، پروفيسرز ۽ اسلام آباد کان آيل ڪيترائي عملدار موجود هئا، تقريب کي پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر، رحمت الله ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button