خيرپور

خيرپور ءِ ڀرپاسي ۾ پاس ڪم ڪندڙ انڊسٽريز ، سرندي وارن ماڻهن ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنين کي پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي اپيل

Khairpur principal of Mehran Engineeing College dr Mujeeb Sehraie distibutig Scholarship check among the Studentsخيرپور: مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي خيرپور جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ته،خيرپور ۽ ان جي آس پاس ڪم ڪندڙ انڊسٽريز ، سرندي وارن ماڻهن ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنين جي انتظاميا کي اپيل ٿو ڪريان ته اهي مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهندڙ ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مدد ۽ همت افزائي لاءِ انڊومينٽ اسڪالر شپس ۾ حصو وٺن .اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪاليج ۾ ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ يونيورسٽي ايوارڊ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته مونکي اميد آهي ته، جيڪي شاگرد هي اسڪالر شپ حاصل نه ڪري سگهيا آهن، اهي به محنت ڪري امتحان ۾ وڌيڪ مارڪون کڻي، اسڪالر شپ حاصل ڪندا ۽ انهن شاگردن مان ضرور ڪو شاگرد يا شاگردياڻي فيڪلٽي ٽاپ ڪرڻ جو اعزاز به حاصل ڪندو.تقريب ۾ ڪاليج ۾ پڙهندڙ بيچ 10 جي 34 ۽ بيچ 11 جي 27 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ چيڪ ورهاياويا. تقريب ۾ ڪاليج جي انتظامي ۽ تدريسي شعبن جي سربراهن سميت شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button