خيرپور

مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو ملائشيا جي پنج ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽين مان ٽن سان تعليمي ۽ تحقيقي سرگرمين جي مٽا سٽا جو معاهدو ٿي ويو

Mehran Uniخيرپور: مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو ملائشيا جي پنج ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽين مان ٽن سان تعليمي ۽ تحقيقي سرگرمين جي مٽا سٽا جو معاهدو ٿي ويو، معاهدي ٿيل يونيورسٽين ۾ پترا يونيورسٽي، پيٽروناس يونيورسٽي ۽ ملايا يونيورسٽي، جيڪا يو ايس ورلڊ رينڪنگ ۾ 161 هين نمبر تي آهي، شامل آهن. اهڙو معاهدو مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو جي پرو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اسلم عقيلي ۽ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج خيرپور جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي پاران ملائشيا جي ڄاڻايل يونيورسٽين جي دوري دوران عمل ۾ آيو. معاهدي موجب ملائيشيا جي ٽاپ رينڪنگ ملايا، پيٽروناس ۽ پترا يونيورسٽي سان مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج گڏيل تحقيقي ۽ تعليمي سرگرميون ڪري سگهندو، جن ۾ اسڪالر شپ تحت استادن ۽ شاگردن جي مٽا سٽا، تحقيقي جرنلن سميت ٻئي تحقيقي مواد جي ڏي وٺ ۽ گڏيل ڪورسن جي ترتيب، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ ليڪچر وغيره ڪرائڻ شامل آهن. ملائيشيا جي دوري تان موٽي آيل ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ڪاليج جي ملائيشيا جي ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽين سان ٿيل ڪامياب معاهدي جون ڪاليج جي شاگردن, استادن، انتظامي ۽ تدريسي شعبن جي سربراهن کي مبارڪون ڏنيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button