ٺري ميرواھ

ٺري ميرواهه: نا معلوم جوابدارن ھڪ گهر کي باهه ڏئي ڇڏي

Home burningٺري ميرواهه : سئي گئس ڀرسان ڳوٺ در محمد ٽالپر ۾ نا معلوم جوابدارن پاران هڪ ڳوٺاڻي نياز حسين ٽالپر جي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي ، گهر ڀاتي معجزانه طور بچي ويا جڏهن ته گهر ۾ پيل سمورو سامان ڪڻڪ ، ڪلر ، گهر جو سامان ڪپڙا ڏاج سڙي راک ٿي ويو ڳوٺاڻن پاران ٺري ميرواهه پوليس کي اطلاع ڏنو ويو ، باهه متاثرين ڳوٺاڻن زوار حسين ٽالپر ، لعل ڏنو ٽالپر ، غلام اڪبر ٽالپر ، غلام رضا ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي باهه متاثرين ڳوٺاڻڻ زوار حسين ٽالپر ۽ ٻين اخبار وارن آڏو دانهون ڪندي ٻڌايو ته 20 ڏينهن اڳ ۾ اسان جي نياڻي تي ڳوٺ جي بااثر ڪتا بڇيا هيا ، جنهن ۾ اسان جي نياڻي شديد زخمي ٿي پئي هئي ، اسان کي غلام حسين ٽالپر ۽ غلام قادر ٽالپر ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون موڪليون هيون جواب ڏيڻ تي اسان جي گهر باهه ڏياري آهي ، جنهن سبب اسان جو لکن روپين جو سامان سڙي راک ٿي ويو آهي ، هنن گهر ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان کي تحفظ فاهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button