فن ۽ فنڪارڪراچي

مهدي حسن جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

Mehdi Hassanڪراچي : مهدي حسن جي آواز ۽ فن کي هميشه قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو، مهدي حسن غزل جي دنيا جو هڪ اهڙو نالو هو جيڪو هميشه زندهه رهندو. هو مذهب، رنگ، نسل ۽ ذات پات کان پاڪ ۽ بالاتر انسان هو. اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير رفيق انجنيئر مهدي حسن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا وارن ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته مهدي حسن پنهنجي فن ۽ آواز سان سموري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. وڏي ڏک جي ڳالهه آهي ته هاڻ اسان ان خوبصورت آواز کان محروم ٿي ويا آهيون. صوبائي وزير مرحوم مهدي حسن جي پٽ سان تعزيت ڪئي. مرحوم جي ايثال ثواب لاءِ دعا گهري.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button