ذوالفقار آباد سنڌ ۽ ملڪ لاءِ اھم آھي، پي پي اڳواڻ
حيدرآباد : پ پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر ذوالفقار آباد منصوبي کي سنڌ ۽ ملڪ لاءِ لاڀائتو ۽ مستقبل جي اهم ضرورت قرار ڏيندي چيو آهي ته ذوالفقار آباد رٿا بابت عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ مختلف ڌرين جي اعتراضن جي نشاندهي لاءِ سنڌ حڪومت سندس قيادت ۾ هڪ اعلي ٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ورتي آهي ته جيئن ضلعي ٺٽي جي غير آباد پيل هزارين ايڪڙ زمين کي هڪ ترقي يافته ۽خوشحال شهر ۽ صنعتي زون جي شڪل ڏئي ملڪ جو سڀ کان وڏو پورٽ قائم ڪري سگهجي جنهن سان اندورني سنڌ سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي روزگار پڻ ملندو ۽ ملڪي ناڻي ۾ پڻ اضافو ٿيندو جيڪو پ پ پ حڪومت جو وڌيڪ هڪ تاريخي ڪارنامو ثابت ٿيندو – هن اهڙو اظهار اڄ سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 21 جون 2012 تي 59 هين سالگره ملهائڻ جي سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي ڪوٺايل گڏجاڻي کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو جنرل سيڪريٽري تاج حيدر وڌيڪ چيو ته ذوالفقار آباد رٿا ڪميٽي ۾ سينيٽر عاجز ڌامراه ، صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان ۽ صوبائي صلاحڪار وقار مهدي شامل آهن جيڪي هن رٿا جي حوالي سان مسئلن ۽ اعتراضن جي نشاندهي ڪري رهيا آهن هن ٻڌايو ته ذوالفقار آباد رٿا تحت سمنڊ جي چاڙهه سبب ضلعي ٺٽي جي 93 هزار ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي جنهن لاءِ سمنڊ جي 230 ڪلو ميٽر اندر هڪ ڊائيڪ لڳايو ويندو جنهن سان ان زمين کي خشڪ ڪري اتي صنعتي زون قائم ڪيو ويندو ۽ ان ڊائيڪ وسيلي زير زمين سمنڊ ڏانهن ويندڙ پاڻي جا رستا پڻ بند ڪيا ويندا هن ٻڌايو ته ڪيٽي بندر پورٽ پڻ مستقبل جو هڪ ڪامياب ۽ اهم پورٽ ثابت ٿيندو جتي 2 هزار ٽن جا جهاز پڻ آساني سان سامان پهچائي سگهندا هن چيو ته ڪيٽي بندر پاور پلانٽ مان2002 تائين 5000 هزار ميگاواٽ بجلي حاصل ڪري سگهجي ها جيڪو منصوبو پ پ پ پنهنجي گذريل اقتدار واري دور ۾ شروع ڪيو پر ن ليگ اڳواڻ نواز شريف اقتدار ۾ اچڻ سان ڪالا باغ ڊيم جو جواز پيدا ڪرڻ لاءِ اهو منصوبو روڪي ڇڏيو هن ٻڌايو ته تازو ئي ملائيشيا جي هڪ ڪمپني ڪيٽي بندر تي 1200 ميگاواٽ جو پلانٽ لڳائڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي هن ٻڌايو ته ذوالفقار آباد هڪ وڏو صنعتي منصوبو آهي جيڪو چيني طرز تي ٺاهيو ويندو ۽ اتي ونڊ انرجي ۽ سولر انرجي جا پلانٽ پڻ لڳايا ويندا ته جيئن توانائي جي متبادل ذريعن کي استعمال ۾ آڻي ملڪ مان توانائي جي بحران جو خاتمو آڻي سگهجي هن ٻڌايو ته ذوالفقار آباد وار ي منصوبي سان ماهيگيري واري شعبي کي پڻ هٿي ملندي جڏهن ته اتي ڊيري فارم ۽ ڪيٽل فارم جي شعبي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ پڻ وڏي پئماني تي موقعا موجود آهن هن ٻڌايو ذوالفقار آباد رٿا ۾ مقامي ماڻهن کي ترجيحي بنيادن تي روزگار ڏنو ويندو ۽ ان حوالي سان ضرورت پوڻ تي وڌيڪ قانون سازي پڻ ڪري سگهجي ٿي هن ٻڌايو ته تازو ئي ايراني حڪومت طرفان ٻوڏ ۽ برسات متآثرن کي رهائشي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ 100 ملين ڊالر امداد ڏني وئي آهي جنهن سان سڄي صوبي ۾ برسات متاثرن لاءِ 50 هزار گهر ٺاهيا ويندا هڪ سوال تي هن چيو ته اڳوڻي صوبائي وزير سسئي پليجو کي پارٽي ڊسيپلين جي ڀڇڪڙي سبب هٽايو ويو ۽ ان جي پٺيان ڪو ٻيو سبب نه آهي ان کان پهرين شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگره جي حوالي سان ڳالهائيندي تاج حيدرٻڌايو ته هن سال به محترمه جي سالگره وڏي جذبي سان ملهائي ويندي ۽ 21،22،23 جون تي سڄي صوبي ۾ رت جو عطيو گڏ ڪرڻ لاءِ ڪيمپون لڳايون وينديون جنهن لاءِ فاطميد ، حسيني ۽ هلال احمر فني معاونت فراهم ڪنديون هن ٻڌايو ته گذريل سال محترمه جي سالگره واري ڏينهن 22 هزار رت جون بوتلون گڏ ڪيو ويون جڏهن ته هن سال وڌيڪ 5 کان 6 هزار رت جون بوتلون جمع ڪيون وينديون هن ٻڌايو ته اهي رت جون بوتلون دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شريڪ فوجي ڀائرن ۽ ٻين صوبن کي سنڌ طرفان تحفي طور ڏنيون وينديون ان کان علاوه رت جو عطيو ڏيندڙ 53 هزار ڪارڪنن کي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويندا هن ٻڌايو ته 21 جون تي ڪراچي يونيورسٽي طرفان هڪ عالمي ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي ويندي جنهن ۾ عالمي دانشور شرڪت ڪندا جڏهن ته 27 يا 28 جون تي پ پ پ حيدرآباد ڊويزن طرفان پڻ حيدرآباد ۾ هڪ وڏو سيمينار ڪوٺايو ويندو جنهن جي صدارت سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه ڪندو هن ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي پاران پڻ جولائي ۾ هڪ عالمي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ ذيلي تنظيمن پاران پڻ پروگرام ڪرايا ويندا ان موقعي تي سينيٽر عاجز ڌامراه ، صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي ، ايم اين اي غالم قادر چانڊيو ، ڊاڪٽر تحسين شيخ حنا دستگير ، امان الله سيال ، روشن سولنگي ، مير فتح ٽالپر ، الله بچايو سومرو آفتاب خانزادو ۽ ٻياپڻ گڏ هئا