بوزدار وڏا: نئون ٽانزيشن آفيسر عبدالحميد جمالي کي مقرر ڪيو ويو
بوزدار وڏا (جمشيد احمد بلوچ) ٺري ميرواه جيئن ته خيرپور ڊسٽرڪٽ جو وڏو تعلقو سڏيو ويندو آهي ان تعلقي ۾ گذريل ٽنهن مهينن کان ٽانزيشن آفيسر مقرر نه هيو جنهن ڪري تعلقي جا ڪم رولهڙي جو شڪار ٿئي ويا هئا تعلقي ميرواه جي عوام کي تمام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏیڻو پئجي رهيو هيو ڪالھ حد جي ايم پي اي پير سيد احمد رضا شاه صاحب پاران نئون ٽانزيشن آفيسر عبدالحميد جمالي کي مقرر ڪري ٺري ميرواه جي رهواسين مان بيچيني جي لهر کي ختم ڪيو ويو آهي واضع رهي ته ٽانزيشن آفيسر نه هجڻ ڪري ٽائون سئپر ڪلاس جي ماڻهن جو گذريل ٻنهن مهينن کان پگهارون بند پيل هيون جنهن ڪري شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن ۽ ڪالهه سيٺارجا جي ٽائون ملازم صديق پگهار نه ملڻ جي ڪري پاڻ کي باه ڏيڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي هئي جنهن کي موجزانا طور ماڻهن بچائي ورتو. انڊس نيوز پاران ٽانزيشن آفيسر سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته گذريل ٽنهن مهينن کان پوسٽ ويڪينٽ هئي جنهن ڪري پورهتن کي پگهارون نه ملي سگهيون هيون .آءِ اچڻ سان انهن جو پگهارون پنهجن اڪائونٽن ۾ موڪلائي ڇڏيو ۽ هنن جا جائز مطالبا پورا ڪري بک هڙتال ختم ڪرائي ڇڏي آهي آءَ هر ماڻهون کي انصاف ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو انشاالله تعلقي ميرواه ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويندو ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي هر ممڪن تعلقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا.