فن ۽ فنڪارمختصر خبرون

آفاق احمد کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن: ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جو سيڪريٽري ثقافت کي خط

ڪراچي :ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عبدالفتاح ملڪ چيو آهي ته آفاق احمد کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جو اردو ۾ ترجمو ڪرڻ جو ڪريڊٽ حاصل آهي. جيڪو اڄ ڪلهه بيماري جي ڪري زندگي جا آخري پساهه کڻي رهيو آهي. ملڪ جي نامور اديب جي سارسنڀال ۽ کيس علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي جڏهن اهڙي حالت ۾ وفات ڪري ويو ته ان سان حڪومت جي ساک متاثر ٿيندي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سيڪريٽري ثقافت کي اماڻيل خط ۾ اميد ظاهر ڪئي آهي ته ثقافت کاتو آفاق احمد صديقي کي نه وساريندو ۽ کيس علاج جون سموريون سهولتون فراهم ڪندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button