ٺري ميرواھ

ڳوٺ خدابخش شر اچانڪ باهه لڳڻ سبب ٽي گهر سڙي ويا

khairpurٺري ميرواهه (محمد اقبال سومرو ) ٺري ميرواهه ڀرسان ڳوٺ خدابخش شر اچانڪ باهه لڳڻ سبب ٽي گهر سڙي ويا ، گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ، ڳوٺ خدابخش شر جي ڳوٺاڻن گل حسن جعفري جمعو جعفري سکيو جعفري جي گهرن کي باهه ساڙي رک ڪري ڇڏيو جڏهن ته فائر برگيڊ تعلقه ڪائونسل ٺري ميرواهه جي عملي کي اطلاع ڏنو ويو ته تعلقه ڪائونسل ٺري ميرواهه جي عملي پاران اهو جواب ڏنو ويو ته فائربرگيڊ ۾ تيل نه آهي ، باهه جي متاثرين ۽ ڳوٺ خدابخش شر جي رهواسين پاران تعلقه ڪائونسل ٺري ميرواهه جي ايڊمنسٽريٽر ۽ ٽي او فنانس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ، ۽ ٺري محرابپور روڊ تي ڌرڻو هنيو ۽ تعلقه ڪائونسل ٺري ميرواهه جي انتظاميه خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ، ان موقعي تي ڪامريڊ غلام شبير شر ٻڌايو ته گهرن کي باهه لڳڻ شرط فائربرگيڊ کي اطلاع ڏنوسون پر تعلقه ڪائونسل جي ملازمن اهو چيو ته فائربرگيڊ ۾ تيل ئي نه آهي هنن وڌيڪ چيو ته تعلقه ڪائونسل ٺري ميرواهه ۾ هر ماهه ڏيڍ ڪروڙ روپيه بجيٽ اچي ٿي جيڪي ايڊمنسٽريٽر ، ٽي او فنانس ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪري وڃن ٿا ، پر ٺري ميرواهه جي عوام جي لاءِ هڪ روپيو به خرچ نه ٿا ڪن هنن گهر ڪئي ته باهه متاثرين کي سرڪاري امداد ڏني وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button